پورهيتن جو عالمي ڏينهن……….

“پهرين مئي” پورهيتن جو عالمي ڏينهن . هن دُنيا کي پنهنجي هٿن سان دنيا کي هلائڻ وارن پورهيتن جو عالمي ڏينهن. پاڪستان سميت دنيا جا ڪجهه ملڪ ان ڏينهن تي عام موڪل ڪن ٿا ۽ ڪجهه ان کي غيراهم سمجهن ٿا. آميريڪا ۾ ته ان ڏينهن خلاف مظاهرا پڻ ٿيندا آهن. جڏهن ته سڄي دنيا جا مزدور ان ڏينهن تي لکن جي انگ ۾ گڏجي پنهنجي ساڳي زندگيءَ تي ساڳئي نموني سوچيندا آهن. اهو ڏينهن هونئن ته هر سال ايندو هيو، پر آميريڪي شهر شڪاگو ۾ 1886ع واري سال جي ”پهرين مئي“ ڪجهه ٻي رنگ سان نروار ٿي هئي. اهو آخري ڏاڪو هيو پورهيتن جي ان جدوجهد جو، جنهن ۾ آميريڪا ۾ ظالماڻي سرمائيداراڻي نظام خلاف جدوجهد هلائي ويئي هئي. پورهيتن روزانو محنت جو وقت اٺ ڪلاڪ ڪرڻ ٿئي چاهيو. اهو ان کان اڳ 60 ڪلاڪ هفتو يا 10 ڪلاڪ روزانو هوندو هيو. 1 مئي 1886ع تي تي مظاهرا ڪرائيندڙ اڳواڻن کي مليل ناحق ڦاهين چاليهه ورهيه پوءِ رنگ لاتو، جڏهن آميري هينري فورڊ جي “فورڊ ڪمپني” 1926ع ۾ پورهيتن لاءِ اٺ ڪلاڪ روزانو ۽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل جو اعلان ڪيو هيو. اڄ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ مزدور، ٽريڊ يونينون، حق، پورهئو ۽ اجرتون ڪنهن ٻئي جهان جا قصا معلوم ٿين ٿا پر 1 مئي جي جدوجهد کانسواءِ اهي ڳالهيون اڻپوريون آهن. اڄ کان 126 سال اڳ ڇنڇر 1 مئي 1886ع  تي آميريڪا جي لکين پورهيتن پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم، سرمائيدارن جي جاري استحصال خلاف سڄي ملڪ ۾ پنجن هزارن کان وڌيڪ ريليون ۽ جلسا ڪڍيا هيا. هر هنڌ گهمسان هيو. ان موقعي تي مزدور اڳواڻن سميت پهرين صف جا ڪيترائي ٽريڊيونين وارا گرفتار ڪيا ويا. انهن گرفتار ٿيل اٺن ڄڻن ۾ ٽي ڄڻا آگسٽ اسپائس، سيموئل فيلڊن ۽ البرٽ پارسنس مزدور جدوجهد جا اڳواڻ هيا جڏهن ته پنج ڄڻا ايڊولف فشر، جارج اينگل، مائيڪل شواب، لوئيس لنگِ ۽ آسڪر نِيبي هيا. 21 جون 1886ع تي عدالت ۾ ڪيس هليو. اٽارني جنرل ته پهرين ڏينهن چئي ڇڏيو ته “ مون کي خبر آهي ته انهن کي ڪهڙي نموني ڦاهي ڏيڻي آهي” ڪيس هلندي آگسٽ اسپائس جج کي چيو هيو ته “ تنهنجي ڦاهيءَ سان اسان مور نه مرڻا آهيون، اسانجي ڦاهيءَ جي ڦندن مان جيڪا چڻگ اٿندي اها تنهنجي پٺيان، تنهنجي اڳيان ۽ سڄي جڳ ۾ اهڙي آڳ ڀڙڪائيندي ۽ ڪروڙين پورهيتن کي سجاڳ ڪري ڇڏيندي، جنهن کي توهان ٿڌو ڪري نه ٿا سگهو” انهن مان چئن اڳواڻن کي ڦاهيءَ جي سزا ۽ ٽن کي عمرقيد ٻڌائي وئي. جڏهن ته نِيبي کي 15 ورهين جي سزا ڏني وئي. سڄي دنيا ۾ ان فيصلي خلاف آميريڪا خلاف آواز اٿڻ شروع ٿيا. ان دٻاءَ سببان شواب،  فيلڊن ۽ لنگ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي پر “لِنگ” جُٺ ۾ وڌيڪ جيئڻ کان رات جو آپگهات ڪري ڇڏيو. 11 نومبر 1887ع تي آگسٽ اسپائس، سيموئل فيلڊن، جارج اينگل ۽ البرٽ پارسنس کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو. 26 جون 1893ع تي “الينوائس” رياست جي نئين چونڊيل گورنر الٽگيلڊ ان ڪيس ۾ ججن جي ساڙيلي روئي تي معافي گهرندي باقي ٽن ڄڻن نيِبي، شواب ۽ فيلڊن کي آزاد ڪري ڇڏيو. 1904ع ۾ “انٽرنيشنل سوشلسٽ ڪانگريس” 1 مئي کي دنيا جي مزدورن جي جدوجهد جو عظيم ڏينهن قرار ڏيندي ان کي هر سال ملهائڻ جو اعلان ڪيو. پاڪستان ۾ پورهيتن جي زندگين تي لکڻ لاءِ ڪابه نئين ڳالهه ڪانهي. اهڙو ڪوبه ظلم ڪونهي جيڪو سڌي يا اڻسڌي نموني اها برداشت نه ٿا ڪن. ڇوته، پورهيتن جي حيثيت ۽ سندن نمائندگي سماجي تبديلين، تبديل ٿيل سياست ۽ پورهيتن جي تنظيم نه هجڻ سبب ڇڙوڇڙ ٿي آهي. اها سماجي کوٽ رڳو پورهيت طبقي کي ناڪاري نموني متاثر نه ٿي ڪري پر سڄي سنسار تي ناڪاري اثر وجهي ٿي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *