ڌرڻي جي اعلانيل تاريخ تي نظرثاني ۽ ڪنهن ٻئي ڏينهن احتجاج جو حق استعمال ڪريو: شاهه محمود قريشي جي مولانا کي اپيل

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مولانا فضل رحمان کي درخواست ڪئي آهي ته هو ڌرڻي جي تاريخ 27 آڪٽومبر تي نظرثاني ڪري ۽ ڪنهن ٻئي ڏينهن احتجاج جو حق استعمال ڪري، شاهه محمود قريشي فيس بڪ تي مختلف خانگي نشرياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه جي وڊيوز شيئر ڪئي جنهن ۾ هن مولانا فضل رحمان کي ان معاملي تي نظرثاني لاءِ ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته 27 آڪٽومبر 1947 تي ڀارتي فورسز سرينگر تي چڙهائي ڪئي ۽ والاريل ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪيو، هر سال ڪشميري قوم هي ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهائي ٿي، هن چيو ته 2 ڏينهن  اڳ ڪشمير سيل ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سميت اهم اڳواڻ موجود هئا ۽ فيصلو ڪيو ويو هو ته وزيراعظم عمران خان کي گذارش ڪنداسين ته هن سال 27 آڪٽومبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو وڃي، هن چيو ته مولانا فضل رحمان ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين رهيو آهي، هو ڳالهين کي سمجهي ٿو، احتجاج سندس جمهوري حق آهي ۽ هو فيصلن ۾ آزاد آهي پر منهنجي کيس درخواست آهي ته 27 آڪٽومبر جو ڏينهن احتجاج لاءِ مناسب نه آهي ان تي نظرثاني ڪري، پرڏيهي وزير چيو ته هي ڏينهن ڪشميرين ۽ ڪشمير ڪاز سان منسوب آهي جيڪڏهن ان سان ڪجهه ٻيو منسوب ڪنداسين ته ڀارت جي موقف کي هٿي ملندي ۽ اهو پاڪستان خلاف طاقتن جي هٿن ۾ کيڏڻ جي برابر ٿيندو، مولانا فضل رحمان سان مخاطب ٿيندي هن چيو ته توهان پنهنجو ڌرڻو به چاهيو ٿا ته ان جي تاريخ تي نظرٿاني ڪريو ۽ اها ڳالهه به حقيقت تي ٻڌل آهي ته ان جي ساٿين ۾ مڪمل طور تي اتفاق نه آهي، هڪ پاڪستاني طور منهنجي کيس گذارش آهي ته احتجاج تي نظرثاني ڪري، ڇو ته ان سان ڪشمير ڪاز کي هٿي نه ملندي پر نقصان ٿيندو، هن چيو ته ڪشمير سيل جي گڏيل فيصلي سان وزيراعظم عمران خان کي سفارش موڪلي رهيا آهيون ۽ تجويز ڏئي رهيا آهيون ته 27 آڪٽومبر تي سڄي پاڪستان ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو وڃي ۽ ڀارت پاران ناجائز قبضي جي خلاف آواز اٿاريو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *