مولانا کي چڙهائي ڪرڻي آهي ته ايل او سي ۽ ڀارت تي ڪري، بلاول ٻڌندڙ سياست جي زميواري پنهنجي والد ۽ پڦي جي ڪرپشن تي وجهي : فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ)فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي ادارن بابت غير ذميواراڻي ڳالهه ٻولهه جي مزمت ڪريون ٿا، بلاول صاحب پنهنجي ٻڏندڙ سياست جو زميواري پنهنجي والد ۽ پڦي جي ڪرپشن کي قرار ڏئي، فردوس عاشق اعواڻ اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪئي، بلاول جا غير زميواراڻا بيان ثبوت آهي ته ڪرپشن ڪيسن ۾ ان وٽ ڪو ئي قانوني دفاع موجود نه آهي، هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي مخاطب ٿيندي چيو ته ادارن کي تڪراري نه بڻايو، اسان جا قومي سلامتي جا ادارا ملڪي دفاع جا ضامن آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ انهن قربانيون ڏنيون، توهان کي عوام جو نه پر لٽليل دولت هٿن مان نڪرڻ جو ڏک آهي  وزيراعظم جي سڌ سماءِ بابت مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا صاحب کي ملڪ، عوام جو نه پر پنهنجي ذات جو فڪر آهي، کيس چڙهائي ڪرڻي آهي ته ايل او سي ۽ ڀارتي ڪري پر هو اسلام آباد تي چڙهائي تي ضد ڪري رهيو آهي، هڪ انٽريو ۾ هن چيو ته سڄي قوم ڪشميرين جو آواز بڻيل آهي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا صاحب کي جن پارٽِين تي يقين هو اهي منافقت ڪري رهيون آهن، اهي سياسي پارٽيون ان جي ڪلهن تي چڙهي اڳتي وڌن ٿيون، هن چيو ته مدرسي جي معصوم ٻارن کي مولانا صاحب جي سياست جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين، هي منافقت جي سياست ۾ هڪٻئي کي دوکو ڏئي رهيا آهن، هڪٻئي کي دوکو ڏئي ذاتي مفادن جو تحفظ چاهين ٿا، اميد آهي ته مولانا صاحب ٻنهي پارٽين جي ارادن کي سمجهي ويندو، ٻئي سياسي پارٽيون پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا، مولانا صاحب جنهن ايجنڊا تي هلي رهيو آهي عوام ساڻس گڏ نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *