واپاري برادري وزير اعظم جي شڪايت انهن سان ڪري رهيو آهي جن پاڻ هن کي وزير اعظم بڻايو: آصف علي زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته ڪاروباري طبقو عمران خان جي شڪايت انهن سان ڪري رهيو جن کيس وزيراعظم بڻايو، جمعي تي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي موقعي تي آصف زرداري صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مولانا فضل رحمان جي آزادي مارچ ۽ تاجرن جي آرمي چيف سان ملاقات بابت ڳالهه ڪئي، ان دوران صحافي سوال ڪيو ته مولانا فضل رحمان آزادي مارچ ۾ ڪامياب ٿيندو ان تي آصف زرداري جواب ڏنو ته اسان جون دعائون ان سان گڏ آهن، اسان ان جي حمايت ڪري رهيا آهيون، تاجر برادري جي آرمي چيف سان ملاقات تي ڳالهائيندي چيو ته ڪاروباري طبقو آرمي چيف سان ملاقات ۾ روئي رهيو آهي، آصف زرداري چيو ته ڪاروباري برادري وزيراعظم جي شڪايت ان سان ڪري رهي آهي جن کيس وزيراعظم بڻايو، جڏهن ان کان سوال ڪيو ويو ته نيب جي چيئرمين جي مقرري تي پڇتاءُ ٿي رهيو آهي ان تي اڳوڻي صدر جواب ڏنو ته شاهد خاقان عباسي نيب چيئرمين جي مقرري تي معافي وٺي چڪو آهي، ڳالهه ٻولهه دوران آصف زرداري کان صحافي سوال ڪيو ته ٻڌو آهي ته اسٽبلشمينٽ سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته معافي تلافي ڪئي وڃي جنهن تي اڳوڻي صدر چيو ته معافي اهي گهرندا، هن چيو ته مولانا منهنجو دوست آهي پر سياست چيئرمين بلاول ڀٽو کي ڪرڻي آهي، مولانا فضل رحمان جي پنهنجي پارٽي ۽ سياست آهي، اسان جي دوستي هميشه رهندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *