ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ: حڪومت پاران 9 آرڊيننس جا منظور ٿيل بلز واپس وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد (م.ڊ) پي ٽِي آءِ سرڪار 9 آرڊيننس جا قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل بلز واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اپوزيشن به ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران نواز ليگ اڳواڻ خواجه آصف اپوزيشن طرفان ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف بي اعتماد رٿ واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته حڪومت 7 نومبر تي منظور ٿيل 9 آرڊيننسز واپس وٺندي، اُهي واڳيل ڪميٽيز ڏانهن صلاح مشورن لاءِ موڪليا ويندا، هاڻي اپوزيشن طرفان ڊپٽي اسپيڪر خلاف جيڪا بي اعتمادي رٿ آندي وئي هئي، هاڻي اپوزيشن اتفاق راءِ سان رٿ واپس وٺڻ لاءِ تيار آهي. هُن ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته جيترن بلز يا آرڊيننسز تي اختلاف هو، اڄ اُهي واپس وٺڻ تي اتفاق ٿيو آهي ته اپوزيشن به ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺندي. اجلاس دوران ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ايم اين اي اسد عمر چيو ته هو اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن کي تڪراري نٿا بڻائڻ گهرن، جنهن نظرئي تي ووٽ وٺي آيا آهن، اُن تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽڻو آهي، اپوزيشن جو به حق آهي ته اُها پنهنجو نقطئه نظر بيان ڪري. اجلاس دوران اعظم سواتي 7 نومبر تي منظور ٿيل آرڊيننسز جا بل واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو، هُن چيو ته 7 نومبر تي پيش ڪيل پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن 2019ع تي ايندڙ اجلاس ۾ بحث ٿيندو، ڪوشش هوندي ته اتفاق راءِ پيدا ٿئي، جڏهن ته بي نامي ٽرانزيڪشن آرڊيننس به ٻيهر اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، پر منظوري کان اڳ مشاورت لاءِ بل کي واڳيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو. اُن موقعي تي وفاقي وزي پرويز خٽڪ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺڻ تي اپوزيشن جا ٿورا مڃيا ۽ خاطري ڪرائي ته حڪومتي ڌُر به بهتر ويو رکندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *