آپريشنز ۾ حاصل ڪيل امن ۽ استحڪام ذريعي ترقياتي عمل کي اڳتي وڌايو ويندو: پاڪ فوج

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته هي سيڪيورٽي فورسز جون ڪوششون آهن جنهن سبب ملڪ ۾ سماجي معاشي ترقي جو مرحلو سروع ٿي ويو آهي امن استحڪام ۽ خوشحالي سيڪيورٽي فورسز جي قربانين جي ڪري آهي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف فرنٽيئر ڪور خيبرپختونخواهه نارٿ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو آرمي چيف ايف سي ميوزم ۽ فورٽ گئلري جو دورو پڻ ڪيو ايف سي ميوزم ۽ فورٿ گئلري کي عوام لاءِ به کوليو ويو آهي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آفيسرز ۽ فرنيٽيئر ڪور جي اهلڪارن سان به ملاقات ڪئي ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ ايف سي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن آرمي چيف شهيدن ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي قربانيون ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آرمي چيف چيو ته امن ۽ خوشحالي سيڪيورٽي فورسز جي قربانين جي ڪري آهي هن چيو ته هي سيڪيورٽِ فورسز جون ڪوششون آهن جو ملڪ ۾ سماجي، معاشي ترقي جو مرحلو شروع ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *