پاڪستاني رانديگر آسٽريليا جي خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ بيچين آهن: شان مسعود

 

سڊني(اسپورٽس نيوز) اوپنر شان مسعود آهي ته  سمورا رانديگر آسٽريليا جي خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ بيچين آهن.قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر شان مسعود جو چوڻ آهي ته برسبين جي ڪنڊيشن کان واقف آهيون. اسڪواڊ ۾ شامل 3 اهم رانديگر 2016 جي سيزن ۾ به هتي کيڏڻ جو تجربو حاصل ڪري چڪا آهن. پرٿ ۾ به تيارين جو سٺو موقعو مليو. هن چيو ته نسيم شاهه ڊوميسٽڪ پچز پيسرز جي لاءِ وڌيڪ سازگار نه هجڻ جي باوجود بهترين بالنگ سان ڌيان حاصل ڪيو.16 ساله بالر پرجوش ۽ باصلاحيت آهن. هنن وڏي همت جو مظاهرو ڪندي پيءُ جي لاڏاڻي جي باوجود آسٽريليا ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ايندڙ ڏينهن شاندار اسپيل به ڪيو. اوپنر شان مسعود چيو ته اسٽيوا اسمٿ بهترين رانديگر آهن پر اسان ڪنڊيشن کي نظر ۾ رکندي سمورن رانديگرن کي آئوٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي. مچل اسٽارڪ ۽ مائيڪل نيسر سميت آسٽريلوي پيسرز پريشاني پيدا ڪري سگهن ٿا.ٻئي طرف پاڪستان جو بالنگ اسٽيم به بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. محمد عباس تجربيڪار آهي جڏهن ته ڪم بيڪ ڪندڙ عمران خان سينئر به سٺي فارم ۾ نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته اسپيڊ اسٽار موسيٰ ۽ نسيم شاهه جون خدمتون به ميسر آهن.شاهين شاهه آفريدي ٽنهي فارميٽ ۾ پاڪستان جي لاءِ  پرفارم ڪندو رهيو آهي. سمورا مهمان رانديگر ڪينگروز جي خلاف سيريز ۾ سٺي  ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ بيچين آهن ۽ ٽيسٽ چيمپين شپ جي بهترين شروعات ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *