ڊي جي رينجرز جي وڏي وزير سان ملاقات، ادارن ۾ غلط فهميون پيدا ٿيڻ نه ڏبيون: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجز  سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ رينجرز خلاف شايع ٿيندڙ اشتهارن  بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ڪراچي ۾ هلندڙ ٽارگيٽيڊ  آپريشن  جي تفصيلن بابت وڏي وزير کي ٻڌايو، ملاقات ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ،ذريعن مطابق ڊي جي رينجرز  ، وڏي وزير سان رينجرز  خلاف شايع ٿيندڙ اشتهارن  تي به تفصيلي  ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته  شهر ۾ امن لاءِ رينجرز  ۽ پوليس جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، ٻنهي ادارن  ۾ غلط فهميون  پيدا  ٿيڻ نه ڏينداسين ، ڪراچي ۾ امن امان جي بحالي  ۾ رينجرز  جي ڪردار کي وڏي وزير ساراهيو  ۽ چيو ته رينجرز  سنڌ حڪومت جو حصو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته  اشتهارن جي معاملي تي سنڌ پوليس  ملوث اهلڪارن  خلاف سخت ڪارروائي جو اشارو پڻ ڏنو، سنڌ پوليس جو چوڻ هو ته اشتهار ڪجهه اهلڪارن پنهنجن مفادن کي نظر ۾ رکي شايع ڪرايا ،گهرو وزير  ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به انهي اشتهار جو نوٽيس ورتو آهي ۽ فيصلو ڪيو آهي ته ذميوار پوليس آفيسر خلاف  سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *