آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس، سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

راولپنڊي(م.ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني سيڪيورٽي جو جائزو ورتو ويو، پاڪ فوج جي عام رابطن واري اداري آئي ايس پي آر مطابق جنرل هيڊڪوارٽرز راولپنڊِي ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ پاڪ فوج جي پيشيور معاملن ۽ ملڪ جي اندروني سيڪيورٽي واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو، آئي ايس پي آر مطابق اجلاس ۾ سيڪيورٽي جي ٻاهرين صورتحال جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو، ڪانفرنس ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪ – افغان سرحد سان لاڳاپيل مسئلن تي به غُور ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *