بلوچستان اندر امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بلوچستان جي صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته بلوچستان جي ترقي وفاقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته هاري رليف پيڪيج تي عملدرآمد لاءِ هو بلوچستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته بلوچستان حڪومت جي پاليسين جا هاڪاري نتيجا اچي رهيا آهن، ملاقات دوران بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ چيو ته بلوچستان حڪومت سان سهڪار ڪرڻ تي هو وفاق جو ٿورائتو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *