ڊيرا بگٽي ۾ گهر تي فائرنگ، بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، 7 ڄڻا مارجي ويا

ڊيرا بگٽي (اين اين آءِ) بلوچستان جي ضلعي ڊيرا بگٽي ۾ ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿيا، ڊيرا بگٽي جي علائقي ٽوبا نوح  ڪاڻي ۾ اڻڄاتل هٿياربند گجر نالي شخص جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ سندس 2 زالن ۽ 3 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 ماڻهو زخمي ٿيا، زخمي ۽ لاشن کي اسپتال نيو پيو وڃي ته گاڏي هڪ بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي وئي جنهن ۾ وڌيڪ هڪ شخص فوت ٿي ويو، پوليس ۽ ليويز اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي واقعي واري هنڌ ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *