پاڪ چين اقتصادي راهداري ترقي جو منصوبو نه پر سڄي خطي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين کي چين، ويٽنام ۽ ڀارت جي سفارتڪارن پنهنجا سفارتي سرٽيفڪيٽ پيش ڪري ڇڏيا، سفارتڪارن ان موقعي تي صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، صدر چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن استحڪام ۽ ترقي لاءِ پنهنجي دوست ۽ پاڙيسري ملڪن سان ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري صرف پاڪستان ۽ چين جي اقتصادي ترقي جو منصوبو نه آهي پر اهو منصوبو سڄي خطي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته موجوده حڪومت جي بهتر پاليسين سبب پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي آهي، هن چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جي لحاظ کان بهترين ملڪ آهي جنهن سان بين الاقوامي سيڙپڪار مختلف شعبن ۾ ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، ان موقعي تي صدر سفارتڪارن کي مبارڪ ڏيندي اميد ظاهر ڪئي  ته اهي ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو خاص ڪردار ادا ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *