خانيوال ۾ بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 11 ڄڻا اجل جو شڪار

خانيوال (اين اين آءِ) خانيوال ويجهو ايم فور موٽر وي تي مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 28 زخمي ٿي پيا، مسافر بس لاهور کان راجنپور وڃي رهي هئي ته ايم فور موٽر وي ويجهو ڪوهيڙي سبب ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 28 زخمي ٿيا، فوتين ۾ افضل، حماد، مريد، صديف شامل آهن، جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ شاهد خليل، فيض، فهيم، عمار، شاهد علي، انعام الله، مزمل، عليان، عائشا، فرزانا، عمار ۽ شاهد علي جي نالن سان ٿي آهي، حادثي جي فوتين ۽ زخمين کي نشتر اسپتال ملتان منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي فوتين ۾ بس جو ڊرائيور به شامل آهي، جڏهن ته لاشن کي سڃاڻپ کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *