ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي جو موت آپگهات سبب ٿيو: عدالتي رپورٽ ۾ انڪشاف

لاڙڪاڻو (م.ڊ) ڊاڪٽر نمرتا ڪماري واقعي جي جڊيشل انڪوائري منظر عام تي اچي وئي  آھي، بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پراسرار موت جو شڪار ٿيندڙ فائنل جي شاگردياڻي ڊاڪٽر  نمرتا چنداڻي بابت ٿيل جڊيشل انڪوائري رپورٽ  منظر عام تي اچي وئي،  رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ لاڙڪاڻو ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي جو موت آپگهات سبب ٿيو. والدين جي سخت رويي ۽ ڪلاس فيلو جي بي وفائي سبب نمرتا خود ڪشي ڪئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ نمرتا کليل ذهن ۽ سندس والدين سخت مزاج هجن توڙي سندس ڪلاس فيلو جي بي وفائي سبب نمرتا سخت ذهني دٻاء جي شڪار هئي، نمرتا سخت ذهني دٻاء سبب خود ڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي سندس قتل جون شاهديون نه مليون آهن، وڌيڪ رپورٽ ۾  چيو ويو آھي تھ نمرتا جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي امرتا پاران جاري ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ منجههائيندڙ هئي. امرتا پوسٽ مارٽم ۾ نه ٻڌائي سگهي ته قتل آهي يا خود ڪشي پر جڊيشل انڪوائري تهه تائين پهتي ته نمرتا خود ڪشي ڪئي، رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آھي تھ شهيد بينظير ڀٽو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي امرتا خلاف ڪاروائي ڪري، واقعي واري ڏينهن نمرتا جي ڪلاس فيلو عاليشان ميمڻ  مهراڻ ابڙو کي صبح جو 10لڳي جهل منٽ تي ميسيج ڪيو ته نمرتا هن دنيا ۾ ناهي رهي جڏهن ته نمرتا 11وڳي ۽ 12 وڳي به ٻن عورتن سان ملاقات ڪئي، رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي تھ عاليشان ميمڻ کان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ته 10لڳي هڪ منٽ تي کيس ڪيئن خبر پئي ته نمرتا هن دنيا ۾ نه رهي آهي، نمرتا جي جسم تي تشدد جا نشان نه هئا ۽ نه وري قتل هو، جنهن وقت ڊاڪٽر نمرتا جي ڪمري جو تالو ٽوڙيو ويو ان وقت نمرتا جي حالت خراب هئي سندس ٻئي ٽنگون پاڻ ۾ جڙيل هيون اکيون اڌ کليل اڌ بند هيون روم ميٽس سندس چهري مٿان پاڻي ڇڙڪيو پر هو هوش ۾ نه آئي کيس اسپتال پهچايو ويو جتي تصديق ٿي ته هو فوت ٿي چڪي آهي، لاڙڪاڻو نمرتا رپورٽ ۾ يونيورسٽي جي ڪوتاهين جو به ڍڪر ڪيو ويو، هاسٽلن جي دروازن کي انٽر لاڪ نه ھجڻ سبب ڊاڪٽر نمرتا جو ڪمرو زبردستي ٽوڙيو ويو ۽ ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪمري ۾ اچي ويا ان ڪري ڪرائيم سين محفوظ نه ٿي سگهيو، رپورٽ موجب لاڙڪاڻو فنگر پرنٽ وٺڻ ۾ به ڏکيائي پيش آيا ڇاڪاڻ ته گهڻا ماڻهو اندر اچي ويا هئا، ڊاڪٽر نمرتا جي جڊيشل انڪوائري رپورٽ 18صفحن تي مشتمل آهي جيڪا 30نومبر 2019 تي گهرو کاتي سنڌ کي اماڻي وئي ، لاڙڪاڻو لاڙڪاڻو جي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج اقبال ميتلو پاران ڪيل جڊيشل انڪوائري ۾ 45 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا ڪاليج انتظاميه کان قسم ناما ورتا ويا، لاڙڪاڻو نمرتا جي ڪلاس فيلوز پوليس ۽ ڪاليج انتظاميه جا بيان ورتا ويا جڏهن ته پوليس پاران هٿ ڪيل شاهديون پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ ٻيون رپورٽون به شامل ڪيون ڪيون، لاڙڪاڻو نمرتا جڊيشل انڪوائري رپورٽ گهرو کاتي حوالي ٿيڻ بعد هن وقت تائين منظر عام تي نه آندي وئي ، رپورٽ ۾ ڪيل سفارشن تي عمل نه ٿيو، يونيورسٽي کي رپورٽ جي ڪاپي ملي چڪي ، جڊيشل انڪوائري رپورٽ ۾ به نمرتا جي ڪپڙن مان هڪ مرد جي ڊي اين اي جزا ملڻ جو ذڪر ڪيو ويو پر ان نامعلوم ماڻهو جو پتو نه لڳايو ويو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *