ميرپور خاص ۾ روڊ حادثو، ايوان صحافت جي نائب صدر جو ڀائيٽو فوت، پٽ ۽ نوجوان زخمي

ميرپور خاص(طارق پنهور)  ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو. سلطان آباد ڀرسان پيٽرول پمپ تي فيول ڀرڻ بعد روڊ جي غلط پاسي تي آيل موٽرسائيڪل اسان جي ٻارن جي موٽرسائيڪل کي هنيو نالي سليمان خواجه جي موٽرسائيڪل سان ٽڪر، ايوان صحافت جي نائب صدر مختيارڪيريو 16 ورهين جو نوجوان ڀائٽيو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. سلطان آباد ٽنڊوالهيار پوليس جي نااهلي ۽ اتي موجود هجڻ باوجود ٻارڙن کي رليف نه ڪرائڻ سبب نوجوان ٻارڙو رت وهڻ سبب فوت ٿي ويو. حادثي ۾ مختيار ڪيريو جو نوجوان پٽ شعيب ۽ ٻيو نوجوان عامر زخمي ٿي پيا ۽ هاڻي الله جي فضل سان صحتياب ٿي رهيا آهن. حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار سليمان خواجه سخت زخمي ٿي پيو. الله پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ والدين کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. آمين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *