نئون ديرو ڀرسان اغوا ڄاڻايل ٻه عورتون مبينا قتل، لاش هٿ

نئون ديرو (م.ڊ) نئون ديرو جي وانڍ جوڳي پاڙي مان مبينه اغوا ڄاڻايل ٻن عورتن جا ڪچي مان لاش ھٿ آيا آهن، ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي مان عورت رشيده زال گدا حسين شيخ ۽ 17 ورهين جي ناري شبانه ڌيءَ ديدار شيخ جا لاش مليا، ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس عورت ۽ ناري جا لاش کڻائي نئون ديرو  اسپتال پهچائي ڇڏيا، ٻه ڏينهن اڳ عورت رشيده جي مڙس گدا حسين شيخ عورت جي اغوا جو نئون ديرو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو، ڪيس ۾ عورت جي مڙس 3 جوابدارن  رفيق ناريجو ۽ ٻن اڻڄاتل کي جوابدار نامزد ڪري ڄاڻايو هو ته جوابدارن گهر ۾ گهڙي زال رشيده ۽ ڀائٽي شبانه کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار گدا حسين شيخ پنهنجي زال رشيده ۽ ڀائٽيي شبانه کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو آهي، اغوا ڄاڻايل عورت رشيده ۽ ناري شبانه کي بااثرن معرفت واپس ڪرايو ويو هو جنهن بعد جوابدار زال ۽ ڀائٽيي کي ڪچي وٺي وڃي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *