ڊالر جي قيمت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، ملڪي معيشت تباهي ڪناري پهتل آهي: مريم نواز

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته ڊالر جي قيمت هڪ سئو سٺ روپيه ٿي وئي آهي. ملڪ جي معيشت مڪمل تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي، حڪومت طرفان پهچايل نقصان برداشت جوڳو ناهي.ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 160 رپيه 50 پئسن تائين پهچي وئي آهي،  پاڪستاني معيشت تباهي ڪناري پهتل آهي، حڪومت طرفان پهچايل نقصان برداشت جوڳو ناهي. هن چيو ته رڳو هڪ مهيني دوران ڊالر جي قيمت ۾ 13 رپين کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، جنهن سان قرضن جو بار وڌي 1225 بلين تائين پهچي ويو آهي.نالائق  اعظم جي طرفان پهچايل نقصان برداشت جوڳو ناهي. صرف جون جي مهيني ۾ ڊالر جي قيمت تيرنهن روپيه اٺونجاهه پئسا وڌي. ڊالر جي قيمت وڌڻ سان ملڪي قرضن ۾ تيرنهن سو پنجويهه ارب روپين جو اضافو ٿي ويو آهي. تاريخي نااهلي ۽ ناڪامي پاڪستان کي ڳهي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *