اي پي سي جو مقصد عوام کي مهانگائي جي ڌُٻڻ مان ڪڍڻ آهي: شهباز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اي پي سي جو مقصد عوام کي مهانگائي جي ڌُٻڻ مان ڪڍڻ آهي.رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي سميت تقريبن سمورين اپوزيشن پارٽين جو وفد شرڪت ڪري رهيو آهي.اي پي سي کان اڳ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ليڊر شهباز شريف جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي ٺاهيل عوام دشمن، واپاري دشمن، هاري دشمن بجيٽ کي رد ڪريون ٿا، گڏيل اپوزيشن جي اي پي سي ۾ شموليت جو صرف هڪ مقصد آهي، پاڪستاني عوام کي تباهه ٿيندڙ معاشي حالت ۽ مهانگاجي جي ڌُٻڻ مان ڪڍڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *