ريشما کي هندي فلمن جي پهرين اسٽنٽ وومين چيو وڃي ٿو

ممبئي ( شوبز نيوز) شعلي فلم جي بسنتي ته سڀني کي ياد هوندي پر بستي جي جڳهه تي ان جا خطرناڪ اسٽنٽ ڪندڙ ريشمان پٺاڻ کي گهٽ ئي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 28

ماڻهو سڃاڻيندا هوندا. ريشما کي هندي فلمن جي پهرين اسٽنٽ وومين چيو وڃي ٿو. هن ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪارائن جي پاران اسٽنٽ ڪيا. هن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي خطرناڪ شاٽ ڏنا. ريشما پٺاڻ ٻڌائي ٿي ته شعلي جو هڪ شاٽ هو ته ٽانگي کي ڊوڙائي هڪ پٿر سان ٽڪرائڻو هو جيئن ان جو هڪ ڦيٿو ٽُٽي پوي پر ٽانگو ڦاسي پيو ۽ ڦيٿو ڪونه ٽُٽو. جهٽڪي سان آئون ڪري پيس ۽ ٽانگو منهنجي مٿان اچي ويو، سڀني سمجهو ته بس آئون ختم ٿي ويس پر جڏهن انهن ٽانگو کنيو ته منهنجو ساهه هليو پئي پوءِ مون کي اسپتال کڻي ويا. ريشمان ننڍي هوندي کان ئي راند روند جي شوقين هئي ۽ هو پاڻ کي ٽام ڪروز سمجهندي هئي. 14 سالن جي عمر ۾“ ايڪ کلاڙي باون پتي” ۾ پهريون اسٽنٽ ڪيائين جنهن لاءِ کيس 100 رپيا مليا هئا. ريشما جي پيءُ کي هن جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ سخت ناپسند هو جنهنڪري هن سندس مار به کاڌي پر هو ريشما جي محنت ۽ لڳن جي سامهون هارائي ويو. ريشمان کي ان وقت بيحد خوشي ٿي جڏهن هن جي زندگي تي فلم“ دي شعلي گرل ريشمان پٺاڻ” ٺهي ۽ ريليز به ٿي. پروڊيوسر جو فون آيو مون کي يقين ڪونه پئي آيو. مون سوچو ته ڪو منهنجو مزاق اڏائي رهيو آهي، مون کي ڪير ٿو سڃاڻي جو مون تي فلم ٺاهيندو؟ ٻه ٽي ڀيرا فون آيو ته پوءِ اڌ پڪ ٿي ته هو واقعي منهنجي“ بايو پڪ” ٺاهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. منهنجي بايو پڪ ٺهي ۽ مون کي خوشي آهي ته اها فلم ڏسڻ کان پوءِ آئون ماڻهن جي نظر ۾ آيس ۽ مون کي ماڻهن وٽ سڃاڻپ ملي ته آئون به هڪ اسٽنٽ وومين آهيان، آئون ريشمان پٺاڻ آهيان. آئون گمنام هئيس، مون کي نالو مليو. تازو ئي ريشمان پٺاڻ کي“ فلم ڪرٽڪس گلڊ” پاران ايوارڊ ڏنو ويو آهي. ريشمان پٺاڻ خوش آهي ته هاڻي اسٽنٽ وومين کي فلم جو اهم حصو مڃيو ٿو وڃي. 65 سالن جي ٿيڻ باوجود ريشمان اڄ به فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *