ڇوڪرين کي ميٽر ريڊر طور ڀرتي ڪرڻ جو اعلان، سنڌ ۽ سنڌين جو مخالف ناهيان: عابد شير علي

سکر (بيورو) بجلي ۽ پاڻي واري مملڪتي وزير عابد شير علي واپڊا ۾ ڇوڪرين کي ميٽر ريڊر طور ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته هو سنڌ ۽ سنڌين جو مخالف ناهي، سڄي ملڪ ۾ جتي به بجلي چوري ٿيندي اها روڪڻ سندس ذميواري  آهي، سکر جي آرائين گرڊ اسٽيشن جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عابد شير علي چيو ته سيپڪو جا ميٽر ريڊر چوري ڪرائڻ جو ٺيڪو ڏئي ڏوهه ۽ ڪرپشن ڪري پاڻ ڪروڙ پتي بڻجي اداري کي تباهه ڪري رهيا آهن، هن ڪرپشن جي الزام هيٺ سکر ۽ ڀرپاسي جي ضلعن جي هڪ ايڪسيئين قمبر ظهور احمد، ايس ڊي او مورو لطيف ميمڻ، ايس ڊي او جيڪب آباد مشتاق سومرو، ايس ڊي او نور احمد چانڊيو سميت 5 ايس ڊي اوز، ٻن سپروائيزرن ۽ 10 ميٽر ريڊرن کي معطل ڪيو آهي، اڃا به 50 ميٽر ريڊرن ۽ ٻين عملدارن جي لسٽ تيار آهي، جن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته بجلي چوري ۽ ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ واپڊا ۾ ڇوڪرين کي ڊيلي ويجز تي ميٽر ريڊر ڀرتي ڪيو ويندو، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ سرڪار کان 72 ارب رهتون وٺڻيون آهن، ناڻي واري صوبائي وزير مراد علي شاهه ساڍا 4 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ چيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ رت جي هولي سان ڌانڌلي ڪئي وئي، عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ فرق هجڻ ڪري ڌانڌلي ڪندڙ صوبائي وزير گنڊاپور کان استعيفيٰ نه ورتي وئي، نه ئي کيس عهدي تان هٽايو ويو، هاڻي جڏهن عمران خان جو وارو آيو آهي ته ٻار وانگر روئي رهيو آهي، مڪاني چونڊن ۾ مارجي ويل بيگناهن جو قتل ڪيس عمران خان، وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ صوبائي وزير گنڊاپور خلاف داخل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *