ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان تي دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو

ڍاڪا (م.ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان تي دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ جو الزام مڙهيو آهي، بنگلاديش جي دوري دوران ڍاڪا يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي  ڀارتي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان طرفان دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ سبب هندستان گذريل 40 سالن کان پريشان آهي، هن چيو ته پاڪستان هر ايندڙ ڏينهن  ڀارت کي پريشان ڪري رهيو آهي، نريندر مودي پنهنجي بيان ۾ پاڪستان کي ڌمڪي ڏيندي بنگلاديش سان گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ وارو عزم ورجايو. هن چيو ته دهشتگردي جون ڪي به سرحدون، ڪا اخلاقيات، ڪوبه اصول ۽ ڪابه ريت رسم ناهي، اهو رڳو انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهي. نريندر مودي جو چوڻ هو ته دهشتگردي سبب هزارين انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن، انهن دهشتگردن کي ان عمل مان ڪهڙو فائدو ملي ٿو ۽ ٻين کي ڪهڙو فائدو ڏين ٿا؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *