هزاره برادري تي حملن جي مذمت، عوام کي ويڙهائڻ جي سازش ناڪام بڻائي ويندي: بلاول ڀٽو زرداري/آصف علي زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن هٿان هزاره برادري جي 5 ماڻهن جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته  اهي بزدلاڻا حملا حقيقت ۾ قوم جي سلامتي ۽ سماج لاءِ ناسور بڻجي ويا آهن. هن چيو ته دهشتگرد هن ملڪ جي عوام کي ويڙهائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ بهادري جي جذبي سان سنواريل هن ملڪ جو عوام اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي ۽ امن کي مٿڀرو رکندو. بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا سانحي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو. هوڏانهن اڳوڻي صدر ۽  پاڪستان پپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي  زرداري پڻ هزاره برادري جي 5 ماڻهن جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي بيان ۾ چيو آهي ته قوم لاڳيتو دهشتگرد ڪاررواين کي ڀوڳي رهي آهي پر اهي دهشتگرد هن ملڪ جي بهادر قوم کي دهشتگردي خلاف هلندڙ جنگ کان پري رکڻ لاءِ ڊيڄاري نٿا سگهن.آصف علي زرداري ڪوئيٽا سانحي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *