ڇاتي جي ڪينسر جي ڪري هر سال 40 هزار موت ڳڻتي جو سبب آهي: بيگم ثمينه عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر جي ڪري هر سال 40 هزار فوتگين تي ڳڻتي آهي، عورتون ڇاتي جي ڪينسر جي علامتن کي سمجهن، هر مهيني 5 منٽ چڪاس لاءِ ڪڍن، وقت سر چڪاس سان تڪليف ۽ علاج ۾ خرچ به گهٽ ٿي سگهي ٿو، بيگم ثمينه عارف علوي بريسٽ ڪينسر جي حوالي سان صحت ميلا جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عورتون معاشرتي قدرن جي ڪري هن مرض تي ڳالهائي نٿيون سگهن هن چيو ته پهرين اسٽِج ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي چڪاس کان بچاءُ جا امڪان 98 سيڪڙو تائين آهن، هن چيو ته عورتون ڇاتي جي ڪينسر کان بچڻ لاءِ صحتمند زندگي جو نمونو اختيار ڪن متوازن غذا کائين هن چيو ته عورتون پڪو پهه ڪن ته هو ڇاتي جي ڪينسر جي نشانين ۽ چڪاس بابت 10 عورتن تائين پيغام پهچائينديون هن چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ نرسز جي مدد سان ڇاتي جي ڪينسر جي آگاهي ڦهلائڻ حڪومت جو سٺو قدم آهي هن چيو ته سول، ملٽري ادارن، فلاحي تنظيمن، ميڊيا ۽ تعليمي ادارن جاڳرتا مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. تقريب کي گڏيل قومن جي آبادي بابت فنڊ جي پاڪستان لاءِ نمائندي بختيار قادر ۽ ٻين به خطاب ڪيو. بختيار قادر چيو ته بيگم ثمينه عارف علوي پاران بريسٽ ڪينسر جاڳرتا مهم جي ذميواري کڻڻ ساراهه جوڳو قدم آهي پاڪستان ۾ ايشيائي ملڪن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته حڪومت جا سڄي ملڪ ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج لاءِ قدم ساراهه جوڳا آهن تقريب جي پڄاڻي تي بيگم ثمينه عارف علوي مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *