جماعت اسلامي جو پينڊورا پيپرز تي سپريم ڪورٽ سان رابطو، پٽيشن داخل، اميد تھ ڪارروائي ٿيندي: سراج الحق

اسلام آباد (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سراج الحق پنڊورا پيپرز ۾ گهربل سياستدانن ۽ ٻين ماڻهن جي خلاف پٽيشن داخل ڪري ڇڏي سومر تي سراج الحق پنڊورا پيپرز جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو سراج الحق پانامه ليڪس پٽيشن ۾ ئي متفرق درخواست داخل ڪئي پانامه ڪيس سان پنڊورا پيپرز ۾ شامل ماڻهن جي خلاف به جاچ ڪئي وڃي پنڊورا پيپرز ۾ جن ماڻهن جا نالا آيا انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي اپيل ڪئي وئي ته پانامه پيپرز ۾ شامل ماڻهن جي خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ملڪ جي دولت لٽيندڙن جو احتساب ڪيو وڃي جماعت اسلامي پانامه پيپرز ڪيس ۾ متفرق درخواست داخل ڪئي آهي، سومر تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ پانامه کان پوءِ هاڻي پنڊورا پيپر کلي سامهون آيو آهي ملڪ ۾ احتساب جو عمل ناڪام ٿي چڪو ڪرپٽ اشرافيا تي هٿ نٿو وڌو وڃي. سپريم ڪورٽ حقيقي معني ۾ احتساب شروع ڪري هن چيو ته نيب جو ادارو، اليڪشن ڪميشن، عدالتون ۽ ايوان کي حڪومت يرغمال بڻائڻ چاهي ٿي هن چيو ته پانامه جي 436 ماڻهن جو احتساب ٿئي ها ته اڄ پنڊورا نه کلي ها هن چيو ته ملڪ ۾ جيترا به اسڪينڊل آيا حڪمران پارٽي جا ماڻهو شامل آهن هن چيو ته سياستدان ۽ وزير وزيراعطم جي کيسي جي گهڙي بڻجي سرڪاري خزاني کي نقصان ڏئي رهيا آهن هن چيو ته مافيا پيٽرول بحران ۾ 25 ارب جو نقصان ڏنو انرجي پروگرام ۾ به 50 ارب کان وڌيڪ نقصان ڏنو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *