سنڌ جي مظلوم نياڻي فھميدھ سيال ظالم اڳيان قرآن کڻي زندگي لاءِ منٿون ڪيون پر کيس گولين هڻي قتل ڪيو ويو: حليم عادل

لاڙڪاڻو(پ.ر) اپوزيشن ليڊر سنڌ اسمبلي حليم عادل شيخ لاڙڪاڻي ڳوٺ خيرپورجسو پهتا جتي ڪجه ڏينهن اڳ پ پ ايم پي اي جي والد جي فائرنگ جي نتيجي ۾ فهميده سيال قتل ٿي ويئي حليم عادل شيخ قتل ٿيل عورت فهميده سيال جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي تفصيل ورتا ۽ هر ممڪن مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو. حليم عادل شيخ سان گڏ جاگيرداري نظام خلاف آواز بلند ڪندڙ سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو سميت پي ٽي آئي ايم پي اي راجا اظهر، پي ٽي آئي سکر ريجن  جو صدر سيد طاهر شاه، پي ٽي آئي اڳواڻ ڊاڪٽر مسرور سيال، سميع الله ابڙو، آغا مولا بخش پٺاڻ، حاجي نثار آرائين، محمد علي هڪڙو، ناهيد ڪهاوڙ سميت ٻيا اڳواڻ پڻ شريڪ هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته شهيد ڪيل عورت فهمهيده سيال سنڌ جي مظلوم نياڻي هئي جنهن ظالم جي اڳيان قرآن کڻي زندگي لاءِ منٿون ڪيون پر ظالمن کين گولين هڻي قتل ڪري ڇڏيو. حليم عادل شيخ چيو ته اڄ جاگيردانه نظام خلاف آواز بلندڙ ڪندڙ سنڌ جي بهادر نياڻي ام رباب چانڊيو سان گڏ فهميده سيال جي تعزيت ڪرڻ آيو آهيان سنڌ اسمبلي ۾ 6 کان مٿي قاتل ايم پي اي ويٺل آهن پيپلزپارٽي شهيدن جي پارٽي هئي پر هاڻي قاتلن جي پارٽي بڻجي ويئي آهي وزير اعليٰ سڀني جي سرپرستي ڪري ٿو وزير اعليٰ چيف آف ڪلر ٿي چڪو آهي عوام کي بي وقوف بڻائي وارثن سان همدردي لاءِ پهچن ٿا ٻئي پاسي مظلومن جي وارثن تي پريشر وڌيو پيو وڃي. فهميدا سيال جو ڪيس به ناظم جوکيو وانگر دشتگردي جو آهي مگر افسوس جي ڳاله اها آهي ته ٻنهي ڪيسن ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ئي نه ڪيا ويا آهن. وزيراعليٰ هڪ پاسي مگر مڇ جا ڳوڙها ڳاڙهڻ لاءِ وارثن وٽ وڃي ٿو ٻئي پاسي قاتلن کي سپورٽ ڪري رهيو آهي. آئون اڄ وزير اعظم عمران خان گورنر سنڌ عمران اسماعيل جي حڪم تي آيو آهيان فهميده سيال جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪنداسين. حليم عادل شيخ چيو ته هڪ پلاٽ جي واقعي تنازعي تي پ پ  جي ايم پي اي گهنور اسران جي والد شهيد اسراڻ فائرنگ ڪرائي ان موقعي تي ايم پي اي کي مليل پوليس توڙي خانگي گارڊ پڻ موجود هئا ايس ايس پي بن هن خون ۾ برابر جو شامل آهي. بلاول لاڙڪاڻي ۾ شادين جي ڪاڄن ۾ شريڪ ٿي رهيو آهي هي مظلوم پيپلزپارٽي جا ووٽر آهن جتي تعزيت ڪرڻ جي به  زحمت نه ڪئي اٿس آئون هتي ووٽ وٺڻ نه آيو آهيان هميشه مظلومن جي آواز بلند ڪئي آهي هن ڀيري به مظلومن سان گڏ بيهڻ آيو آهيان حليم عادل شيخ چيو ته اسان سرداري نظام جي خلاف آهيون جنهن سنڌ کي تباه ڪري ڇڏيو آهي عوام کي ان نظام خلاف اٿي بيهڻ گهرجي. ام رباب چانڊيو چيو ته  سنڌ  کي جاگيرداري نظام تباه ڪيو آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي منشور ۾ جاگيرداري نظام نه هو پر هن وقت پيپلزپارٽي ۾ سمورا سرداري توڙي جاگيردار شامل آهن جيڪي سنڌ کي تباه ڪري رهيا آهن سنڌ ۾ نياڻيون انصاف لاءِ آواز بلند ڪري رهيون آهن سنڌ ۾ عوام کي بي دردي سان قتل ڪيو ٿو وڃي ڪير آواز بلند ڪري ٿو آواز بند ڪئي ٿي وڃي منهنجي گهر جا ٽي ماڻهو قتل ڪيا ويا اڃا تائين انصاف لاءِ بيٺل آهيان ان سرداري نظام خلاف وڙهي رهي آهيان. عوام جيڪڏهن چاهي ٿي سنڌ مان اهو سرداري نظام ختم ڪيو وڃي ته عوام کي اٿي بيهڻو پوندو ان نظام خلاف آواز بلند ڪرڻ پوندي. ڊاڪٽر مسرور سيال چيو ته پيپلزپارٽي ۾ شامل اڳواڻ ڌاڙيلن کان به بدتر آهن فهميده سيال قرآن کڻي زندگي گهري رهي هئي پر ظالمن کي ڪو رحم نه آيو.هاڻ وري سردار جاڳي پيا آهن فهميده سيال جي وارثن تي پريشر وڌو پيو وڃي ته جيئن ڪيس لوڙهيو وڃي.  

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *