چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان يورپي يونين جي خاص نمائندي جي ملاقات

راولپنڊي(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان يورپي يونين جي خاص نمائندي ۽ افغانستان لاءِ يورپي يونين وفد جي سربراهه سفير فرانز مائيڪل ميلي بن جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران علائقائي سلامتي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق ملاقات دوران سفير آپريشن ”ضرب عضب” جي ڪاميابين ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *