سرتاج عزيز شيڊول موجب آچر واري ڏينهن حريت اڳواڻن سان ملاقات ڪندو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو آهي ته پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز شيڊول موجب آچر واري ڏينهن حريت اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، ان حوالي سان باضابطا جواب ڀارت کي اڄ ئي ڏنو ويندو. ڀارت پاران سرتاج عزيز جي ڪشميري اڳواڻن سان ملاقات جي صورت ۾ پرڏيهي صلاحڪارن جي سطح جون ڳالهيون ملتوي ڪرڻ جي ڌمڪي بعد پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس کانپوءِ پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو ته ڀارت طرفان سرتاج عزيز کي ڀارتي دوران دوران حريت اڳواڻن سان ملاقات نه ڪرڻ جو باضابطا پيغام مليو آهي. هن چيو ته سرتاج عزيز شيڊول موجب آچر تي حريت اڳواڻن سان ملاقات ڪندو. هن چيو ته پاڪستان حريت اڳواڻن سان ملاقات بابت ڪا به سوديبازي نه ڪندو ۽ ان حوالي سان باضابطا جواب ڀارت کي اڄ ئي ڏنو ويندو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *