اليڪشن ڪميشن،سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو نئون شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن،سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو نئون شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، هاڻي چونڊن جو پهرين مرحلو 12 آڪٽوبر بدران 31 آڪٽوبر تي ٿيندو، سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ 8 ضلعن ۾ ووٽنگ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽريز سان صلاح مشورا ڪري 12 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. چونڊ تاريخون مٽائڻ جا ڪارڻ محرام الحرام جو مهينو اچڻ ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ حڪومت پاران بحالي جا ڪم ڪرڻ آهن. سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو 12 آڪٽوبر بدران هاڻي 31 آڪٽوبر تي ٿيندو. پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 8 ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ بلدياتي اليڪشن ڪرائي ويندي. سکر، خيرپور، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، شڪارپور، قمبر- شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي. پهرين مرحلي جي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ 7 سيٽپمبر کان 11 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائي سگهبا جڏهن ته ڪاغذ واپس وٺڻ جي تاريخ پهرين آڪٽوبر آهي. ٻئين مرحلي ۾ چونڊون 19 نومبر تي ٿينديون، جنهن تحت سنڌ جي 15 ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ پولنگ ٿيندي. ٻئين مرحلي ۾ حيدرآباد، ڄامشوري، شهيد بينظير آباد، مٽياري، ٽنڊي الهيار،ٽنڊي محمد خان، ٺٽي، سجاول، بدين، نوشهري فيروز، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ بلدياتي اليڪشن ڪرائي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ جي ڇهن ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ ٽئين مرحلي ۾ چونڊون 3 ڊسمبر تي ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *