چوندا هئا ته اچو مان ڪنٽينر ڏيندس، مان جو نڪتي آهيان ته ڊڄن ڇو پيا: مريم نواز

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم  ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جج صاحب ويڊيو کان انڪار نه ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي فاضل جج صاحب کي مخاطب ڪندي چيو ته آئون سمجهي چڪي آهيان ته اڄ به توهان فيصلي جيان تيار ٿيل پريس ريليز تي توهان مجبوري ۾ صحيح ڪئي هوندي، توهان جي وڏي مهرباني جو توهان ويڊيو کان انڪار نه ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ شاعراڻي انداز ۾ مريم چيو ته خيرات واري ڪرسي تي مرو ڇو ٿا؟ عمل نٿا ڪري سگهو ته ڳالهيون ڪيو ڇو ٿا؟ چوندا هئا ته اچو آئون ڪنٽينر ڏيندس، آئون جو نڪتي آهيان ته ڊڄو ڇو ٿا؟. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته خوف نه انسان کي سک سان حڪومت ڪرڻ ڏيندو آهي نه ئي سک سان جيئڻ ڏيندو آهي. مريم نواز چيو آهي ته حڪمران چوندا هئا ته اسان احتجاج لاءِ ڪنٽينر ڏينداسين پر هاڻي مان نڪتي آهيان ته ڊڄي ڇو رهيا آهن.  مريم نواز چيو ته پن سن واري ڪرسي تي مري ڇو رهيا آهيو، عمل ناهي ته ڪوڙيون ڳالهيون ڇو ڪري رهيا آهيو؟ هن چيو ته چوندا هئا ته اچو مان ڪنٽينر ڏيندس، مان جو نڪتي آهيان ته ڊڄي ڇو رهيا آهيو. مريم نواز چيو ته خوف انسان کي نه سک سان جيئڻ ڏيندو آهي ۽ نه وري سک سان حڪومت ڪرڻ ڏيندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *