جسٽس ارشد ملڪ جي سامهون آيل ويڊيو تي هڪ جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي ۽ قوم کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو وڃي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سينيٽر سراج الحق چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته جسٽس ارشد ملڪ جي سامهون ايندڙ ويڊيو تي هڪ جڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي ۽ قوم کي حقيقتن کان ڄاڻ ڏني وڃي آزاد عدليه رياست جو هڪ ٿنڀ آهي عوام غربت ۽ مهانگائي ته برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ نانصافي ۽ عدليه جي ناڪامي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هي ويڊيو سڄي عدالتي نظام تي سواليه نشان آهي حڪومتي رياستي ادارن کي تڪراري بڻائي رهي آهي حڪمران بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڳالهائين ٿا ۽ پوءِ يوٽرن وٺن ٿا ۽ آخرڪار ادارن جي پويان لڪي وڃن ٿا وڏين وڏين دعوائن ۽ واعدن سان آيل حڪومت هڪ سال ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي ۽ هاڻي عوام به هن حڪومت مان مايوس ٿي چڪو آهي هڪ سال ۾ اهو فيصلو نه ٿي سگهيو ته موجوده حڪومت سليڪٽيڊ آهي يا اليڪٽيڊ سچ ته اهو آهي ته روزانو ٽيڪسن مٿان ٽيڪس هنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مرڪزي شورا جي ٽن ڏينهن واري اجلاس کانپوءِ منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *