واپاري برادري جي خدشن کي ختم ڪنداسين پر جنهن کي واپار ڪرڻو آهي ان کي ٽيڪس ته ڏيڻو ئي پوندو: ايف بي آر چيئرمين

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايف بي آر جي چيئرمين چيو آهي ته ٽيڪسز جي حوالي سان واپاري برادري جي خدشن کي ختم ڪنداسين پر جنهن کي واپار ڪرڻو آهي ان کي ٽيڪس ته ڏيڻو ئي پوندو. فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته گيهه جي قيمت به وڌندي، کنڊ ۽ سيمنٽ جي ڊيلرن تي لاڳو ٽرن اوور ٽيڪس 1.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 0.25 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي غلط استعمال، اسمگلنگ ۽ انڊر انوائسنگ جو مسئلو حل ڪرڻ کان سواءِ صنعت نٿي هلي سگهي. ايف جي آر جي چيئرمي چيو ته ٽيڪسز جي حوالي سان واپاري برادري جا خدشا ختم ڪنداسين جنهن کي واپار ڪرڻو آهي ان کي ٽيڪس ته ڏيڻو ئي پوندو. هن چيو ته ريٽيلرز جي لاءِ 3 حصن تي ٻڌل ٽيڪس جو نئون نظام جوڙيو ويو آهي. شبر زيدي چيو ته ايف بي آر ننڍي ۽ وچولي درجي جي اسٽيل ميلٽرز جي لاءِ الڳ قانون سازي تي غور ڪندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 3.41 لک بجلي جا صارف آهن جنهن مان 44 هزار رجسٽرڊ آهن ۽ 19 هزار سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *