چور دروازن مان اقتدار ۾ اچڻ وارا ٻڌي ڇڏين هاڻي کين وارو نه ملندو: قائم علي شاهه

خيرپور (ڊ.ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خيرپور ضلعي جي شهر درازا شريف پهچي عظيم صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت حافظ عبدالوهاب حضرت سچل سرمست جي 194هين سالياني عرس جي موقعي تي سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي سرڪاري تقريبن جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، اوقاف بابت وزيراعلي جو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو، درگاه جو سجاده نشين خواجه عبدالحق (ٽيون) ۽ ٻيا وڏي وزير سان گڏ هئا. سنڌ جي وڏي وزير سماع هال درازا شريف ۾ سچل ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت ڪري صوفي راڳين کان سچل جو ڪلام ٻڌو ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکايندڙن ۾ ايوارڊ ورهايا. وڏي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سچل سرمست ڀٽائي کانپوءِ ٻيو وڏو شاعر آهي، جنهن لاءِ ڀٽائي پاڻ چيو هو ته جيڪا ديڳڙي هُن چاڙهي آهي اُن جو ڍڪ سچل لاهيندو، سچل سرمست حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي اهو ئي سبب آهي جو 194 سال گذري وڃڻ بعد به کيس ياد ڪيو وڃي ٿو، سچل پنهنجي ڪلام ۾ سچائي، اتحاد ۽ اتفاق جو پيغام ڏنو آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هو اڳ به آمريت خلاف هئا ۽ هميشه رهندا، پ پ وارن هميشه جمهوريت لاءِ جاکوڙيو ۽ عوام جي راءِ ۽ فيصلن جو احترام ڪيو ۽ اڳتي به عوام جي راءِ جو احترام ڪيو ويندو، پ پ جو اهو ئي منشور رهيو آهي. هن چيو ته ضياءَ کان وٺي جيڪي به آمر آيا اُنهن پ پ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پهرئين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهيءَ به چاڙهيو ويو پر سندن ڪوششون ناڪام ويون ۽ “جيتري ٿڌ اوتري وڌ” جي مثال طور پ پ ويتر سڄي ملڪ ۾ مقبوليت ماڻي، سنڌ جي عوام کي اهڙو سون نه گهرجي جيڪو ڪن ڇِني. وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته هاڻ چور دروازن مان اقتدار مان اچڻ وارا ٻڌي ڇڏين ته کين هاڻ وارو نه ملندو ۽  پ  پ توڙي عوام چور دروازن مان ايندڙن کي نه قبوليندو. هن چيو ته پ پ وارن کي درگاهن جون دعائون آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قلندر شهباز جي مزار تي سونو دروازو ٺهرايو ۽ موجوده سرڪار درگاهن جي ترقي ۽ زائرين کي سهولتون ڏيڻ لاءِ ڀرپور نموني جاکوڙي رهي آهي. هن چيو ته درگاهن تان ٿيندڙ آمدني درگاهن تي ئي خرچ ٿيڻ گهرجي، ائين نه ٿئي جو جيڪي آمدني گڏ ڪن ٿا اهي پاڻ کڻي وڃن، رشوت وارو عمل هاڻ ختم ڪيو ويندو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف جاکوڙي رهيا آهيون ۽ اها لعنت ختم ٿيڻ گهرجي، تڏهن ئي سنڌ چڱي ريت آباد ڪري سگهون ٿا ۽ نوجوانن جي اميدن تي پورو لهي سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو ته هو اها حام نه هڻندا ته بيروزگاري ختم ڪري ڇڏي آهي بيروزگاري مڪمل طور ختم ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، 20 سالن جي تاريخ ۾ ايتريون نوڪريون نه مليون آهن، جيڪي پ پ جي موجوده ۽ گذريل دور ۾ ڏنيو ويون، وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته بلدياتي چونڊون آزاد ۽ شفاف نموني ڪرايون وينديون ۽ بلدياتي سطح تائين بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ عوامي نمائندن کي ئي بجيٽ ڏني ويندي. وڏي وزير ان موقعي تي درازاشريف ۾ ضلعي ڪائونسل جي عمارت هاءِ اسڪول لاءِ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اتي پڙهائي شروع ڪئي وڃي اتي نئين عمارت به تيار ڪئي ويندي. وڏي وزير اديبن ۽ شاعرن پاران سچل سرمست جي عرس جي تقريبن جي بائيڪاٽ جو نوٽيس وٺندي سچل يادگار ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته ناراض اديبن کي گهرايو وڃي ۽ سندن خدمت به ڪئي وڃي، اديبن جو سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ اهم ڪردار آهي. ان کان اڳ خطاب ڪندي اوقاف بابت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو چيو ته کيس درگاهن تان ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ زائرين کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جو ٽاسڪ مليو آهي ۽ هو اعلان ڪري ٿو ته هر ڳالهه برداشت ڪري سگهجي ٿي باقي ڪرپشن هرگز برداشت نه ڪبي، درگاهن جي معاملن ۾ ڪرپشن زيرو ليول تي آڻي پوءِ ساهه پٽيندس. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ ۽ سچل يادگار ڪميٽي جي چيئرمين منور علي مٺاڻي آجياڻي تقرير ۾ درگاهه جي معاملن بابت بريفنگ ڏني. درگاهه سچل سرمست جي سجاده نشين خواجه عبدالحق (سوئم) خطاب ڪندي چيو ته هُن پنهنجي والد سخي قبول محمد فاروقي کان آخري لفظ اهي سکيا ته “پٽ هاڻ روئجان نه، وري ملندا سين، خدا جي هستي قائم رهندي. اِن کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ مختلف تحقيقاتي ادارن جي مداخلت بابت وزيراعظم کي تحفظات کان آگاهه ڪيو آهي. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق کي 50 کان 60 ارب رُپيا ڏيڻا آهن، جيڪي نٿا ملن، جنهن سبب سنڌ جا ترقياتي منصوبا مڪمل نه ٿي سگهيا آهن. تقريب جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه سچل ايوارڊ ورهايا، جن ۾ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ مشهور ڳائڻي حميرا چنه، صوفي راڳي جو ايوارڊ سيد مهدي شاهه، بهترين راڳي جو ايوارڊ ممتاز لاشاري، بهترين سگهڙ صوفي حيدربخش، بهترين ملهه جو ايوارڊ محمد صديق بگٽي، لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ رڪي ٻائي ۽ هاسي ٻائي (نماڻو فقير) ۽ مرحوم گلشير ڀٽي کي ڏنا ويا، جڏهن ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اوقاف واري صلاحڪار عبدالقيوم سومرو، سجاده نشين خواجه عبدالحق سوئم، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، لعل بخش منگي ۽ ٻين خاص شيلڊون ڏنيون ويون. اهڙي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه ريت سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي سچل يادگار ڪميٽي پاران شايع ڪيل سرمست نمبر 36 ۽ سچل سووينيئر، سنڌ اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتي پاران شايع ڪيل خاص اشاعت “اچي ڏس عشق سچل جو” ڪتابن جو مهورت پڻ ڪيو، جڏهن ته مختلف اخبارن پاران خاص اشاعتون پڻ ڪيون ويون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *