صدر سان آرڊيٽر جنرل جي ملاقات، حڪومت جي شهرت ڪنهن اسڪينڊل سان مجروح ناهي ٿي: ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين آڊيٽر جنرل کي هدايت ڪئي ته هو عوامي اهميت جا معاملا بدعنواني جو خاتمو سرڪاري شعبي جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ ۽ عوام کي معياري خدمتون فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري صدر کيس نئين مقرري تي واڌايون ڏيندي چيو ته آڊيتر جنرل آف پاڪستان جو ادارو سچائي ديانتداريمعيار ۽ شفافيت جي اعليٰ قدرن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار جو مالڪ آهي صدر ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته موجوده حڪومت جي شهرت ڪنهن اسڪينڊل سان مجروح ناهي ٿي هن چيو ته هاڻي ملڪ صحيح رستي تي هلي پيو آهي ۽ جملي اقتصادي صورتحال مستقبل قريب ۾ وڌيڪ بهتر ٿي ويندي اها ڳالهه آڊيتر جنرل آف پاڪستان رانا اسد اميد سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن خميس تي ايوان صدر ۾ ان سان ملاقات ڪئي صدر آڊٽ جي شعبي ۾ فرانزڪ ماحوليات ۽ آءِ ٽي آڊيٽنگ جهڙن جديد رجحان کي ڪتب آڻيندي اڊٽ ڊپارٽمينٽ ۽ سرڪاري شعبي مان بدعنواني ۽ نااهلي کي پاڙان پٽڻ لاءِ بهتر ڪوششون ڪتب آڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ناڻي وزارت ۽ ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس سان آڊيتر جنرل جي ڊپارٽمينٽ جو ويجهو رابطو سرڪاري مالياتي مئنجمينٽ حڪوڪمتي اهلڪارن جو موثر احتساب ۽ پارليماني نگران يکي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اڻٽر عنصر آهي آڊيتر جنرل صدر کي ميرٽ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ ورتل ڪيترن ئي اپائن بابت آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *