گوجرانوالا ويجهو هيانءُ ڏاريندڙ ٽرين حادثو، ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 12 جوان شهيد

گجرانوالا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گوجرانوالا ويجهو هانءُ ڏاريندڙ حادثو پيش آهي، پــُل ٽــُٽڻ سبب ٽرين جي انجڻ ۽ 3 گاڏا واهه ۾ ڪِري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل عامر سميت 12 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج ريسڪيو آپريشن ڪري پنجن زخمين ۽ 80 ڄڻن کي ٻاهر ڪڍي ورتو. مال بردار ٽرين وزيرآباد کان فيصل آباد وڃي رهي هئي جنهن ۾ 6 مسافر بوگيون به لڳايون ويون هيون. ٽرين هيڊ چناوان ويجهو پـُل ٽٽڻ سبب چيما واهه ۾ ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو ٻــُڏي ويا. حادثي کانپوءِ پاڪ فوج سميت ريسڪيو ٽيمن ۽ مقامي ماڻهن واقعي واري هنڌ پهچي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو جڏهن ته ڇهن ئي بوگين ۾ 300 جي لڳ ڀڳ مسافر سوار هئا. امدادي ڪارروائين ۾ 2 فوجي هيليڪاپٽر به حصو وٺي رهيا آهن جڏهن ته واهه ۾ ڪِريل انجڻ ۽ بوگيون ڪڍڻ لاءِ ڪِرين گهرائي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب حادثي ۾ ليفٽيننٽ ڪنرل عامر سميت 12 اهلڪار شهيد ٿي ويا، ليفٽيننٽ ڪنرل عامر يونٽ ڪمانڊر هو. آءِ ايس پي آر موجب 8 اهلڪارن جا لاش واهه مان ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته پنج زخمين ۽ 80 ڄڻن کي ريسڪيو آپريشن ڪري ڪڍيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ رپورٽ موجب حادثو پـُل ٽٽڻ سبب پيش آيو آهي. ريلوي وزير خواجا سعد رفيق حادثي واري هنڌ پهچي ريسڪيو آپريشن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ دهشتگردي جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ٽرين ۾ ڦاٿل سڀني مسافرن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته گم ٿيل ڇهن ڄڻن جي ڳولا جاري آهي. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف گوجرانوالا ۾ ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته امدادي ڪارروائيون تيز ڪري جلد ٽريڪ بحال ڪيو وڃي، جڏهن ته مسافرن کي منزل تي پهچائڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *