چورن مٿان مور، ڌاڙيلن جو پوليس تي ڀتو وٺڻ جو الزام، هٿيارکڻي احتجاجي مظاهرو

گهوٽڪي (نمائندو) گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن پوليس تي الزام هنيو آهي ته پوليس ڀتو وٺي کين ڦرڻ جو الزام هنيو ويو آهي. ڌاڙيلن هٿيار کڻي پوليس اهلڪارن خلاف سخت احتجاج ڪيو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڏوهارين خلاف آپريشن سبب الزام هنيا پيا وڃن. ڳرا هٿيار هڻي ڌاڙيل ڪنهن واردات جي تياري نه پر پوليس خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. گهوٽڪي جي علائقي رانوتي ۾ ڏوهه ڪندر ڌاڙيل پوليس خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. ماڻهن کي ڦريندڙ ڌاڙيلن پاران پوليس تي کين ڦرڻ جو الزام هنيو آهي. سلطو گينگ جي ڌاڙيلن جو چوڻ هو ته پوليس کانئن ڀتو وٺي ٿي ۽ ڀتو نه ڏيڻ تي جعلي پوليس مقابلي ۾ ماريو وڃي ٿو. ڌاڙيلن الزام هنيو آهي ته کين هٿيار به پوليس ڏي ٿي. ڌاڙيلن جو موقف هو ته پوليس ساڻن مليل آهي سندن خلاف آپريشن رڳو ڏيکاءُ آهي. انهيءَ معاملي تي رانوتي ٿاڻي جي اهلڪار عبدالشڪور جو چوڻ هو ته سمورا ڌاڙيلن درجنين ڪيس ۾ پوليس کي ملوث آهن ۽ پوليس کي بدنام ڪري رهيا آهن گهوٽڪي جي ايس پي ابرار حسين جو چوڻ هو ته اُهو اهڙو علائقو آهي جتي ڪوبه اهلڪار ڊيوتي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. انهن خلاف آپريشن جي تياري ڪري رهيا آهيون ۽ ڌاڙيلن جي اچ وڃ جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. پوليس اختيارين جو موقف پنهنجي جاءِ تي پر ڌاڙيلن جي انهيءَ الزام جي اعليٰ سطحي جانچ ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *