سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن جو هنگامو، گو شهلا گو جا نعرا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي بحث ڪيو ويو،جڏهن ته دماغ جي ڏهي واري ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي جملي تي ايم ڪيو ايم ميمبرن هنگامو ڪري گو شهلا گو جا نعرا هنيا،جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو،جنهن ۾ امن امان جي صورتحال تي بحث ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي ميمبر رئوف صديقي ۽ وقار شاهه ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ بااثر ماڻهو ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن ۾ ملوث آهن،جنهن سبب هندو برادري جا ماڻهو سنڌ مان ڀارت لڏي وڃڻ تي مجبور آهن. متحده ايم پي ايز جو چوڻ هو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين امن امان جي صورتحال خراب آهي پر سنڌ حڪومت ڪوبه قدم کڻندي نظر نه پئي اچي. پ پ ميمبر ڊاڪٽر سڪندر شوري ترديد ڪندي چيو ته سنڌ جو امن مشرف جي دور ۾ تباهه ٿيو،عسڪريت پسندي ئي امن امان جي صورتحال ۾ وڏي رنڊڪ آهي. ايوان ۾ امن امان واري صورتحال تي بحث جاري هو ته متحده جي ميمبرن ڳالهائڻ کان روڪڻ تي هنگامو ڪيو ۽ گو شهلا گو جي نعريبازي ڪئي، جنهن سبب سنڌ اسيمبلي جو ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. متحده جي ايم پي اي محمد حسين،گذريل اجلاس دوران دماغ جي ڏهي ٺاهڻ واري جملي تي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو،جڏهن ته پ پ ميمبرن ڊپٽي اسپيڪر کي صلاح ڏني ته ايم ڪيو ايم وارن کي پاڻي ۽ لسي پيئاري وڃي. ايم ڪيو ايم ميمبرن جي احتجاج دوران ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا سيٽ ڇڏي هلي وئي ۽ اسپيڪر آغا سراج درانيءَ جي اچڻ بعد متحده ميمبر خاموش ٿي ويا. ان کان اڳ اپوزيشن ليڊر شهريار مهر ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن ۾ گهربل شخص جي اسپيڪر آغا سراج دراني سان گڏ نڪتل تصوير ايوان ۾ پيش ڪئي. شهريار مهر، اسپيڪر آغا سراج دراني کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهو شخص اوهان سان گڏ سياسي جلسن ۾ شرڪت ڪندو آهي. شهريار مهر چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان جوڳي ناهي، خيرپور مان اغوا ٿيل ڪيترائي ماڻهو ڀنگ جي ادائيگي بعد آزاد ٿيا. هن چيو ته سانگهڙ، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ڀنگ عيوض اغوا جون وارداتون عروج تي آهن، اوقاف کاتي جي سيڪريٽري جو پٽ اغوا آهي پر اڃا تائين سندس پتو نه پئجي سگهيو آهي. شهريار مهر چيو ته ڀنگ عيوض اغوا جي واقعن انڊسٽري جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پوليس آفيسرن جو مقرريون سفارش ۽ رشوت تي ٿي رهيون آهن، ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جاري آهي وفاقي گهرو وزير جو ڌيان ڪراچي تي محدود آهي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *