اين اي ايڇ ٺيڙهي حادثي جو ذميوار ڪوچ جو ڊرائيور قرار ڏئي ڇڏيو ، رپورٽ جاري

سکر (بيورو) نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ٺيڙهي سانحي بابت شروعاتي رپورٽ پڌري ڪندي حادثي جو ذميوار مسافر ڪوچ جي ڊرائيور کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اين ايڇ اَي پاران ٺيڙهي باءِ پاس سانحي جي شروعاتي جاچ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حادثو بس ڊرائيور جي غلط يوٽرن وٺڻ سبب پيش آيو. رپورٽموجب بس ڊرائيور پيٽرول پمپ تان غلط يوٽرن ورتو ۽ چوٿين لين ۾ گاڏي ڇڪي ويو. اين ايڇ اَي جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته بس جو ڊرائيور صبح پنجين وڳي منزل لاءِ روانو ٿيو هو جڏهن ته گذريل 23 ڪلاڪن کان ننڊ به نه ڪئي هو جيڪا حادثي جو سبب بڻي، حادثي واري جڳهه تي روڊ جون ٻئي حالتون بهتر هيون. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته حادثي بعد نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ وڏي پئماني تي تبديليون ڪيون ۽ جــِي ايم سکر لطيف مهيسر جي جڳهه تي منيش ڪمار کي مقرر ڪيو وي جڏهن ته ڊائريڪٽر سليم سومري جي جاءِ تي محمد ادريس ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر نور جي جڳهه تي جهانگير کي مقرر ڪيو ويو. واضح رهي ته خيرپور ڀرسان ٺيڙهي باءِ پاس وٽ مسافر بس ۽ ٽرڪ وچ ۾ پيش آيل ڏوکيندڙ حادثي ۾ 57 ڄڻا فوت ۽ 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *