چمن ۾ اي اين ايف جي گاڏي تي بم ڌماڪو، 5 ڄڻا مارجي ويا، ٽن اهلڪارن سوڌو 10 وڌيڪ زخمي

چمن (اين اين آءِ) بلوچستان صوبي جي علائقي چمن جي مال روڊ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا. پوليس آفيسر محمد حسن ٻڌايو ته شرپسندن روڊ جي ڪناري تي موٽر سائيڪل ۾ ڌماڪيدار مادو لڳايو هو جيڪو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. هن ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا آهن ۽ زخمين کي سول اسپتال چمن منتقل ڪيو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر ذڪا الله دراني چيو ته ڌماڪي ۾ منشيات جي خاتمي جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا. ڌماڪي جي نتيجي ۾ ويجهين عمارتن ۽ دڪانن جا شيشا ٽٽي پيا جڏهن ته گاڏين ۽ موٽر سائيڪل سميت ٻين شين کي به نقصان پهتو. ڌماڪي کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري جاءِ کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. وزير اعظم عمران خان چمن ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪندي جاني نقصان ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتياب جي لاءِ دعا ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *