ملڪ ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 539 ڪيس ظاهر، وڌيڪ 15 ڄڻا فوت، متاثرن جو انگ 2 لک 4 هزار 660 ٿي ويو

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 539 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ مريضن جو انگ 2 لک 84 هزار 660 تائين ٿي ويو آهي اين سي اوسي موجب 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا 539 نوان ڪيس ۽ وڌيڪ 15 ڄڻا فوت ٿيا ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي مرضن جو انگ 2 لک 84 هزار 660 جڏهن ته ڪل فوتين جو انگ 6097 ٿي ويو آهي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ايڪٽو ڪيسن جو انگ 17 هزار 799 آهي ملڪ ۾ صحتياب مريضن جو انگ 2 لک 60 هزار 764 ٿي ويو سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي سڀ کان وڌيڪ متاثر مريضن جو انگ هڪ لک 23 هزار 849، پنجاب ۾ مريضن جو انگ 94 هزار 477، خيبرپختونخواهه ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 34692، بلوچستان ۾ 11906 ٿي ويو اسلام آباد ۾ ڪرونا جي متاثر مريضن جو انگ 15261، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير 2141، گلگت ۾ 2334 ٿي ويو نيشنل ڪمانڊ سينٽر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 20 هزار 495 ٽيسٽون ڪيون ويون ملڪ ۾ هن وقت تائين 21 لک 47 هزار 584 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن ملڪ جي اسپتالن ۾ 149 مريض وينٽي ليٽر تي آهن اسپتالن ۾ ڪرونا وينٽي ليٽرز جو انگ 1859 آهي. ملڪ ۾ 735 اسپتالن ۾ ڪرونا مريضن لاءِ سهولتون آهن هن وقت هڪ هزار 357 مريض اسپتالن ۾ داخل آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *