ايم ايل ون رٿا لاءِ گهٽ شرح تي قرض ورتو ويندو، لاهور، ڪراچي جو سفر گهٽجي 7 ڪلاڪ ٿي ويندو : شيخ رشيد

لاهور (اين اين آءِ) وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مين لائين ون (ايم ايل ون) هڪ انقلابي منصوبو آهي جنهن سان پاڪستان ريلوي جي سموري ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ٿيندي هن رٿا سان روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ايم ايل ون ڪنهن ڦاٽڪ کان سواءِ هڪ اهڙي ريلوي لائين هوندي جنهن سان ڪراچي لاهور ۽ لاهور راولپنڊي وچ ۾ سفر گهٽجي ويندو لاهور، ڪراچي جو سفر گهٽجي 7 ڪلاڪ ٿي ويندو. جنهن سان ٻنهي صوبن جي تاجرن کي به فائدو ٿيندو هن چيو ته هن منصوبي سان ريلوي ۾ حادثا گهٽجي ويندا ۽ ماڻهن لاءِ ڏيڍ لک نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا وفاقي وزير چيو ته ايم ايل ون رٿا لاءِ گهٽ شرح تي قرض ورتو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *