ڄامشورو ۾ ٻن گاڏين وچ ۾ ٽڪر. 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت، عورتن ۽ ٻارن سميت 10 ڄڻا زخمي

ڄامشورو (اين اين آءِ) ڄامشورو ۾ ٻن گاڏين وچ ۾ ٽڪر سبب 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿيا، انڊس هاءِ ورڊ تي کاڻوٺ ويجهو مزدا ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ ٽڪر سبب 2 عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿيا، زخمين کي ڄامشورو اسپتال منتقل ڪيو ويو، ريسڪيو ادارن لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، حادثي جو سبب هن وقت تائين شاهدن موجب تيز رفتاري آهي، فوتين ۾ شهربانو، مسمات جنت بروهي شامل آهن، جڏهن ته هڪ لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، زخمين ۾ ظهور، خادم، سونو، ظهير، شڪيل، نور محمد، دلشاد، گلاب ۽ ٻيا شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *