ايم ڪيو ايم متحده مان محلا قومي موومينٽ بڻجي چڪي آهي، جلسي کان وڌيڪ ماڻهو ته قرباني واري عيد تي ڍور ڏسڻ ايندا آهن: مرتضيٰ وهاب ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي جلسي کان وڌيڪ ماڻهو قرباني واري عيد تي ڍور ڏسڻ ايندا آهن، هاڻ ايم ڪيو ايم متحده قومي موومينٽ مان محلا قومي موومينٽ بڻجي چڪي آهي، ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي لڳندڙ خيرات جي دسترخوانن تي ايم ڪيو ايم جي جلسي کان وڌيڪ ماڻهو نظر ايندا آهن، آچر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن الائي ڇا سمجهو جو مني جلسو ڪري وڌيڪ خوار ٿي ويا، هن چيو ته سنڌ کي ورهائڻ جي سياست ۽ خواب ڏسندڙ پاڻ ورهائجي ويا آهن، ايم ڪيو ايم جڏهن به اقتدار کان پري رهي هن اهڙا ئي الزام مڙهيا، ڪراچي جي مسئلن جا ذميوار 40 سالن تائين حڪمراڻي ڪرڻ وارا آهن، ايم ڪيو ايم جو فلسفو ڪڏهن به عوام جي خدمت ڪرڻ نه رهيو آهي، ان جو مقصد رڳو اقتدار آهي، جلسي کي فلاپ شو قرار ڏيندي هن چيو ته ڪراچي جو اردو ڳالهائيندڙ جيالو آهيان ۽ نفرت جي سياست کي رد ڪريان ٿو.

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي جلسي کان وڌيڪ ماڻهو قرباني واري عيد تي ڍور ڏسڻ ايندا آهن، هاڻ ايم ڪيو ايم متحده قومي موومينٽ مان محلا قومي موومينٽ بڻجي چڪي آهي، ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي لڳندڙ خيرات جي دسترخوانن تي ايم ڪيو ايم جي جلسي کان وڌيڪ ماڻهو نظر ايندا آهن، آچر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن الائي ڇا سمجهو جو مني جلسو ڪري وڌيڪ خوار ٿي ويا، هن چيو ته سنڌ کي ورهائڻ جي سياست ۽ خواب ڏسندڙ پاڻ ورهائجي ويا آهن، ايم ڪيو ايم جڏهن به اقتدار کان پري رهي هن اهڙا ئي الزام مڙهيا، ڪراچي جي مسئلن جا ذميوار 40 سالن تائين حڪمراڻي ڪرڻ وارا آهن، ايم ڪيو ايم جو فلسفو ڪڏهن به عوام جي خدمت ڪرڻ نه رهيو آهي، ان جو مقصد رڳو اقتدار آهي، جلسي کي فلاپ شو قرار ڏيندي هن چيو ته ڪراچي جو اردو ڳالهائيندڙ جيالو آهيان ۽ نفرت جي سياست کي رد ڪريان ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *