شهدادپور لڳ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل، ناري زنده آهي يا مئل، معاملو ڳجهارت بڻيل

شهدادپور (ڊ.ر) شهدادپور ويجهو ڳوٺ بالو فقير ڀنڀرو ۾ ڪارانهن الزام هيٺ نوجوان ڪهاڙيون هڻي ڳڀا ڳڀا ڪري بيدري سان قتل. لاش سڪل واٽر ڪورس ۾ دفنايو ويو. پوليس پاران لاش هٿ. پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي. نوجوان کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو آهي چاچو. ڪارانهن الزام هيٺ قتل ڪيو اٿم جوابدار شهمير ڀنڀرو جو اعتراف. ڪاري قرار ڏنل ناري زنده آهي يا معامرو ڳجهارت بڻيل. پوليس پاران ملوث جوابدار ۽ ناري هٿ ڪرڻ لاءِ ڳوٺ کي ڪڙو. ڪيس داخل نه ٿيو خبر موجب شھدادپور ويجهو ڳوٺ بالو فقير ڀنڀرو ۾ جهول واسي 28 سالا انٽر جي شاگرد محمد حسن مهر ولد مولا بخش مهر کي ڪهاڙين جا وار ڪري ڳڀا ڳڀا ڪري بيدردي سان قتل ڪري گذرندڙ سُڪل واٽر ۾ پوريو ويو،لاش جو ڌڙ الڳ جڏهن ته آڱريون وڍيل ۽ سموري جسم تي ڪهاڙين جا نشان آهن.نوجوان جي قتل  بعد وارثن کي اطلاع ڪيو ويو ته پنهنجي نوجوان جو لاش کڻي وڃو.جنهن بعد سندس وارثن شھدادپور پوليس سان گڏ ڳوٺ بالو فقير ڀنڀرو ۾ پهچي کوٽائي ڪرائڻ بعد سڪل واٽر مان لاش هٿ ڪرڻ بعد شھدادپور سمس اسپتال آندو ويو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش کي جهول لڳ ڳوٺ بخشو وساڻ نيو ويو.جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام متل هو.نوجوان جي ٻه سال اڳ عمر ڪوٽ مان شادي ٿي هئي زميندار مولا بخش مهر جو پٽ هو. ان سلسلي ۾ مقتول جي چاچي يوسي چئيرمين غلام محمد مهر صحافين کي ٻڌايو ته نوجوان عمرڪوٽ مان واپس جهول اچي رهيو هو ته کيس ڀنڀرن رستي تان اغوا ڪري قتل ڪرڻ بعد کين آگاھ ڪيو ويو ته سندن  نوجوان جو لاش کڻي وڃو هن چيو ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي. هوڏانهن شھدادپور پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڪري مک جوابدار شهمير ڀنڀرو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.پوليس موجب ته جوابدار ڪارانهن جو الزام ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.پوليس پاران وڌيڪ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڪارانهن الزام هيٺ آيل ناري کي هٿ ڪري بيان وٺڻ ۽ ٻين ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪڙو چاڙهي بيٺل آهي بااثر ڌرين پاران جوابدار پيش ڪرائڻ لاءِ ڳالهيون هلندڙ آهن.تاهم واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو پوليس موجب ته فريادي ڌر پاران لاش جي تدفين بعد ڪيس داخل ڪرائڻ جو چيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان ڄاڻايل ڳوٺ مان ٻه سال اڳ ڀنڀرا برادري جي ٻانهن کنئي هئي، جيڪا فيصلي بعد ٻانهن واپس ڪئي وئي.جنهن تان کيس قتل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *