ڀٽ شاهه: پڄاڻي واري تقريب ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاران لطيف ايوارڊ تقسيم ڪيا ويا

ڀٽ شاهه(رپورٽر)  شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي پڄاڻي واري تقريب دوران چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏجي شاهه جي راڳي استاد رسول ڏنو، فنڪار الهڏنو جوڻيجو، خماچ پليئر عبدالشڪور مڱڻهار، سگهڙ محمد قاسم راهمون، محقق جامي چانڊيو، ڪمپيئر ياسر قاضي، ڊجيٽائيزر امر فياض ٻرڙو ۽ شبير ڪنڀار جڏهن ته لطيف ايوارڊ جي اسپيشل ڪٽيگري ۾ شاهه جو رسالو جي حافظن ڀاءُ راحت بڙدي ۽ ڀيڻ انتخاب بڙدي، شاهه لطيف جو شاهڪار تاريخي مجسما ٺاهيندڙ پروفيسر نادر علي جمالي ۽ سنڌ جي ناليواري مزاحيا فنڪار قادر بخش مٺو کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو انفارميشن سيڪريٽري سينيٽر عاجز ڌامراهه، پ پ ڪلچرل ونگ سنڌ جو صدر قاسم سراج سومرو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مٽياري جي چيئرمين مخدوم فخرالزمان ۽ پ پ ضلعي مٽياري جي اڳواڻ سيد علي حسين شاهه ڄاموٽ، سميت شاعر، اديب ۽ دانشور پڻ ان موقعي تي موجود هئا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *