نيب ڪيسن ۾ ٻٽي معيار بابت الزامن کي رد ڪري ڇڏيو،  بدعنواني جو خاتمو سندس اولين ترجيح آهي: جاويد اقبال

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو نيب ڪيسن ۾ ٻٽي معيار جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، چيئرمين جسٽس رٽائر جاويد اقبال چيو آهي ته ارباب عالمگير، عاصمه ارباب ۽ اسلم رئيساڻي خلاف جاچ جلد مڪمل ڪئي ويندي. هڪ بيان ۾ جاويد اقبال چيو ته پ پ جي اڳوڻي وفاقي وزير ارباب عالمگير، سندس گهر واري ۽ اڳوڻي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر عاصمه ارباب ۽ اڳوڻي بلوچستان جي وڏي وزير اسلم رئيساڻي خلاف جاچ جلد مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته جوابدارن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ گوادر ۾ زمينن جي ناجائز الاٽمينٽس جا الزام آهن. سندس چوڻ هو ته بدعنواني جو خاتمو سندس اولين ترجيح آهي، ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي عمل ڪيو ويندو ۽ سموري نيب جاچ کي قانون ۽ مضبوط شاهدين جي بنياد تي مڪمل ڪيو ويندو. ٻئي طرف نيب ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پ پ سميت سمورين پارٽين جي ڪيسن کي قانون موجب ڏٺو پيو وڃي. هن چيو ته نيب قانون سمورين سياسي پارٽين ۽ شخصيتن تي برابر لاڳو ٿين ٿا، پ پ سميت سمورين پارٽين جي ڪيسن کي قانون موجب ڏٺو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *