شرجيل ميمڻ گرفتاريءَ کي احتساب عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، سندس جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ جي اڳوڻي انفارميشن وزير شرجيل ميمڻ نيب پنهنجي هٿان گرفتاري کي غيرقانوني ڪوٺيندي ان کي احتساب عدالت ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته احتساب عدالت شرجيل ميمڻ جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي سومر تي ڪراچي ۾ احتساب عدالت ۾ اطلاع واري کاتي ۾ پنج ارب 76 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي ڪيس جي ٻڌڻي  ٿي ان موقعي تي شرجيل ميمڻ سميت 11  جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، شرجيل ميمڻ عدالت ۾ پنهنجي گرفتاري کي چيلنج ڪري ڇڏيو ٻڌڻي و قت شرجيل ميمڻ جي وڪيل اپيل ڪئي ان جي موڪل جي گرفتاري کي غيرقانوني ۽ اجايو بند ڪري رکڻ قرار ڏنو وڃي ڇو ته 23 اڪٽوبر تي سندس گرفتاري جي لاءِ و ارنٽ جاري نه ٿيا نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته وارنٽ پهريان جاري ٿي چڪا هئا معطل  وارنٽ درخواست ضمانت رد ٿين کانپوءِ بهال ٿي ويا، شرجيل ميمڻ جي وڪيل عامر نقوي ايڊوڪيٽ چيو ته جيڪڏهن ڳالهه مڃي وڃي ته هي ٻين 11 جوابدارن جي غيرقانوني گرفتاري جو اعتراف آهي، هن چيو ته نيب جا اختيار آهن ته جوابدارن جابه حق آهن، گريڊ 20 جي سيڪريٽري کي هٿ ڪڙيون لڳايون ويون آهن. شرجيل ميمڻ جي وڪيل چيو ته نيب جو رويو توهين عدالت جي برابر آهي، عامر رضا نقوي چيو ته نيب شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ عدالت کي گمراهه ۽ ڪوڙ ڳالهايو ويو  ته جوابدارن کي پاسپورٽ آفيس مان گرفتار ڪيو ويو جيتوڻيڪ گرفتاريون حد مان ٿيون،  وڪيل چيو ته نيب سنڌ هائيڪورٽ جي حڪم متعلق به غلط بياني ڪئي جنهن تي ان جي خلاف ڪاروائي ٿيڻ گھرجي ۽ نيب جي بيان جي حوالي سان ٻين جوابدارن جي گرفتاري غير قانوني آهي، جڏهن ته جوابدران کي جيل ۾  بي ڪلاس جي سهولت ڏني وڃي ان کانپوءِ احتساب عدالت شرجيل ميمڻ جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *