قومي راڳي سرمد سنڌي جي 23 هين ورسي ملهائي وئي

 

ڪراچي(شوبز نيوز) قومي راڳي سرمد سنڌي کي وڇڙئي 23 سال گذري ويا، اڄ به سرمد سنڌي ڪرڙين دلين تي راڄ ڪري ٿو.سرمد سنڌي 27 ڊسمبر 1996 ۾ ٺٽي ڀرسان روڊ حادثي ۾ اسان کي وڇڙي ويو، سرمد سنڌي خيرپور جي ڳوٺ پريالوءِ ۾ جنم ورتو، سرمد سنڌي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول پريالوءِ ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول پريالوءِ ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي، جتان ڊپلوما انجنيئرنگ سول ٽيڪنالاجي ۾ پاس ڪيائين.سرمد پيشي جي لحاظ کان سول انجنيئر هو، سرمد سنڌي جي 23هين ورسي ملهائي وئي، سرمد سنڌي جي گيتن کي گڏ ڪري ڪوثر ٻرڙو ڪتاب “امر راڳي امر گيت سرمد سنڌي” لکيو، سرمد سنڌي مشهور قومي گيت “ تنهنجي ياد جي وري آ وير، ڪنڊيءَ نه سڱري ٻٻر نه پلڙو، دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، جلاوطن جلاوطن مان ڪيئين رهان جلاوطن، گھاو مونکي لڳا ڏس اڪيلي گھڻا، ڏکڙيا ڏينهڙا ڏوري وڃبا، هونئن ته مٽي جي چپٽي آهيان جيئي ديس ته ڌرتي آهيان، آئون ڪيئن سيج سمهان منهنجا ماروئڙا پڌري پٽ سمهن، جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين، ڪتيون ڪيئي ياد ۾ گذريون چڱو چيٽن ۾ ملنداسين ۽ ٻيا ڪيترائي بيشمار انقلابي گيت چيا.سرمد سنڌي اڄ به ڪروڙين دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *