ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچ (اڄ) کيڏي ويندي

بنگلور (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ (اڄ) اربع تي بنگلور ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سييز 1-1 تان برابر آهي. انگلينڊ جي ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت کي 7 وڪيٽن تان سڪست ڏني هئي. پر ميزبان ٽيم شاندار ڪم بيڪ ڪندي انگلينڊ کي ٻين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 5 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي جنهن ۾ ڪاميابي لاءِ ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن بيان ڏنا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *