انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ خيرپورميرس جي ادي شهناز شيخ…!: غلام مصطفيٰ جمالي

سنڌ اندر بهادر نياڻين جي کوٽ ناهي جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻ ملهايو آهي،جن به اڄ نالو اڄ به وڏي فخر سان وٺندي آهي،اهڙي ڪردارن ۾ ادي خيرپورمير جي ڀيڻ شهناز شيخ به هڪ آهي، ادي شهناز شيخ هميشه غريبن مسڪينن جي مدد ڪئي آهي ۽ انهن جي غمن جي پنهنجو غم سمجهي ڪري اندر سان اندر جو حال اوريو آهي، جڏهن ته دنيا ۾ وڏن ماڻهن جي ڪابه هڪ وصف، صورت، معيار ۽ ماڻ ياماپو نه آهي. وڏا ماڻهو هر شعبي ۾، هر صورت ۾، هر سطح تي ۽ هر رنگ ۾ ٿي سگهن ٿا ۽ انساني اتهاس جي رِلهيءَ ۾ وڏن ماڻهن جي هستين، ڪارنامن، خيالن، ڪردارن، سورهيائين، فلسفن، فڪري واٽُن، قربانين، تخليقن ۽ فني شاهڪارن جا انيڪ گوناگون رنگ ڀريل آهن.ڪنهن چيو هو ته عظيم فن اُهو جيڪو حيرت کي جنم ڏئي، ان حوالي سان مان چوندس ته وڏو ماڻهو اُهو جنهن جي هستي ۽ حياتي ڏسي ماڻهو اچرج ۾ پئجيو وڃي- ته وَڃُ! ماڻهو ايئنبه ٿي سگهي ٿو! يا حياتي ايئن به گذاري سگهي ٿو! اڄ به جيڪڏهن سنڌ تي نظر وجهنداسين ته اسانکي انيڪ اهڙيون شخصتيون ملي وينديون جن اڄ به پنهنجي ڪردار سان پاڻ ملهايو آهي.اهڙي جي هڪ بهادر نياڻي جنهن خيرپيرميرس جي مٽي جي ڳوٺ امام بخش شيخ ۾ جنم ورتو،جنهن نالي کان اڄ شايد ئي ڪو اڻڄاڻ هجي،خيرپور جي ميرس جي ادي شهناز شيخ  عورتن جي مسئلن توڙي ٻارن جي جبري مزدوري تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ، شهناز شِيخ هڪ  تنظيم احساس وومين ڊولمپنٽ اورگنائزيشن خيرپور ميرس ۾ پنهنجي مدد پاڻ هلائي رهي آهي،جنهن ۾ هن اڄ تائين ڪنهن اين جي او کان پروجيڪٽ ناهي ورتو، سندس مقصد الله جي راه  ۾  الله جي مخلوق جي مدد ڪرڻ آهي ڇو ته نيڪ ڪم  ئي سڪون رکيل آهي ادي شهناز شيخ، جنهن کي اسان ڪنهن به عالمي انساني معيارم طابق حقيقي طور هڪ وڏو ماڻهو چئي سگهون ٿا. جيئن ڪنهن عظيم فن پاري کي ڏسي ماڻهوءَ کي ڏندين آڱريون اچيو وڃن،ادي شهناز شيخ، ڪارنامن، قلمي ۽ تخليقي پورهيو، قربانيون ۽ انقلابيت ڏسي  ماڻهو حيرت ۾ پئجيو وڃي. مان جڏهن به اهڙن ماڻهن جو ڪمن ۽ ڪارنامن جو مطالعو ڪندو آهيان ته ڄڻ سچ پچ به اتساهه جي سرچشمن مان سيراب ٿيندو آهيان. سنڌ ۾ ادي شهناز شيخ هڪ اها بهادر نياڻي آهي جنهن منهنجي مدد پاڻ انساني زندگي جي ڪمن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي.؟ طيف سائينءَ شايد اهڙن کاهوڙين لاءِ ئي چيو هو ته:
جوڳيئڙا جهانَ ۾، نُوري ۽ نارِي،
ٻَري جن ٻاري، آئون نه جيئندي اُن ريءَ.

ان دنيا جي تاريخ کي ڦلهوري ڏسنداسين ته اسان کي انساني تاريخ ٽن پاسن تي بيٺل نظر ايندي هڪڙيون اهي انسان ۽ وطن دوست ڌريون جيڪي هر وقت پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجي ملڪ، عوام ۽ انسانيت لاءِ پيون جاکوڙينديون آهن ٻيا وري هر وقت پيا انهن لاءِ کاهيون کوٽيندا، انهن جون ويٺا پاڙون پٽيندا   ۽ وتندا انهن خلاف سازشون سٽيندا، اهي ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي طبقي کي پاور ۾ آڻڻ لاءِ، انهن کي مظبوط ڪرڻ، انهن جا مسئلا حل ڪري انهن لاءِ ترقي جي راح هموار ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهنديون آهن،  ٽيان وري اهي جيڪي نه ڪنهن جي حئي ۾ نه خئي ۾ رڳو پنهنجو ڪرت پيا ڪندا ۽ پنهنجي ڪم سان مطلب رکندا، انهن کان پڇبو ته ڪنهن سان گڏ آهيو ته چوندا “ادا ڳاله توهين صحيح ٿا ڪريو پر غلط هو به ڪونهي” ملڪ ۽  وطن دشمن ڌريون هر وقت عوام لاءِ جاکوڙيندڙ  ۽ جدوجهد ڪندڙ ڌرين خلاف پيون سازشون سٽينديون، انهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۽ انهن ۾ ڏفيڙ وجھڻ لاءِ پيون واويلا ڪنديون آهن، جڏهن کان انسان جو هن ڌرتي تي وجود پيو آهي تڏهن کان صحيح ۽ غلط، سچ ۽ ڪوڙ جو پاڻ ۾ تضاد هلندو اچي، هر دور ۾ ڀلائي جي بدلي ۾ ڀلائي ناهي ملي، نيڪي ڪرڻ ۽ سچ ڳالهائڻ جي ڏوه ۾ ڪيترائي سقراط زهر جا پيالا پي ويا پر دنيا جو دستور اڄ به ساڳيو آهي ته “جيڪو چري سو گھري” مطلب جيڪو انسان ذات جي ڀلائي، اڪثريت عوام جي حقن ۽ مظلومن کي طاقت ڏيارڻ جي ڳاله ڪري سو آهي ملڪ ۽ وطن جو دشمن، انسانيت جو ويري ۽ سامراج جو ڇاڙتو ۽ وري جيڪو انسان ذات تي ٿيندڙ ڪِيس ۽ ناانصافي تي ماٺ ڪري ويهي اهو آهي باڪردار ۽ وطن دوست ماڻهو، مطلب ته سنڌ ۽ ملڪ دشمن ڌريون هر وقت پنهنجا ڀاڙيتو ۽ پگھاردار مقرر ڪنديون رهيون آهن  جيڪي هر چرندڙ پرندڙ خلاف واويلا مچائينديون الزامن جا انبوه کڻي، غدار غدار جا نعرا هڻي انهن پٺيان پيون ڀنڊڙي ٻارينديون آهن پر خيرپورميرس جي ادي شهناز شيخ انساني حقن لاءِ جاکوڙ ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ لاءِ جيڪي نوان مثال قائم ڪيا اهي واقعي ساراهه جوڳا آهي ادي شهناز شيخ پنهنجي سموري حياتي پاڻ کي هڪ پرواني جيئن پاٽ  ٻاري آهي، جنهن ۾  سنڌ جي روشن خياليءَ، ترقي پسنديءَ، قومي ۽ طبقاتي جدوجهدجون شامل آهن انهي انساني حقن جي ڪوششن اندر ادي شهناز شيخ ڪڏهن به پنهنجو پاڻ تي اهو سمورو ڪم بوج نه سمجهيو.ڏينهن هجي يا رات مينهن هجي يا آندي پر شهناز شيخ ادي اها بهاد نياڻي آهي جيڪا ڪڏهن به مسڪينن ۽ غريبن جي ڪمن ۾ ٿَڪي، نه ساهي پٽيائين، نه عوام ۽ قوم کي بي شناسيءَ جون ميارون ڏنيون ۽ نه وري پنهنجي “ٻري” ٻارڻ تي خود قياسي ڪئي.ادي شهاز شِيخ جون جيڪي عوام ۽ انسان لاءِ خدمتون آهن اهي واقعي ساراهه جوڳيون آهن ۽ اسانجي سنڌ جي اها بهادر نياڻي اهڙي ماحول ۾ جتي سنڌ اندر نياڻين سان ڪلور ٿي رهيا آهن اتي ادي شهناز انهن جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهي آهي،مان کيس سلام پيش ٿو ڪيان،۽ ۽ کيس مبارڪ باد پيش ٿو ڪيان ته ادي اهڙي ريت پنهنجو سماجي ڪمن ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي انهي ۾ ادي شهناز شيخ جي جس هجي الله جي وڏي حياتي ڏي ۽ ادي شهناز غريبن مسڪين جا جهدوجهد ڪندي رهي جيڪا اسان سڀني تي فرض آهي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *