پاڪستان ٽيم جي موجوده حالت جو سبب ٽئلينٽ جو فقدان آهي: عبدالرزاق

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر عبدالرزاق پاڪستان ٽيم جي موجوده حالت جو ذميوار ٽيلينٽ جو فقدان قرار ڏنو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالرزاق چيو ته هن وقت ٽيم ۾ صلاحيت رکندڙ رانديگر موجود نه آهن، هاڻوڪن رانديگرن ۾ اڳوڻن رانديگرن جهڙي خوبي ناهي، ان باوجود جيڪڏهن گڏجي هڪ ٽيم طور کيڏن ته شايد رينڪنگ ڪجهه بهتر ٿي وڃي. هن چيو ته پاڪستان کي ورلڊ ڪپ جو ڪواليفائينگ رائونڊ کيڏندي ڏسڻ هن لاءِ انتهائي تڪليف جوڳو هوندو، هو آسٽريليا ۾ ناڪامين جو ذميوار ڪپتان کي نٿو سمجهي. عبدالرزاق چيو ته ڪپتاني به ان وقت ڪم ڪندي آهي، جڏهن توهان وٽ صلاحيت واري ٽيم ۽ ان ۾ بهترين آل رائونڊر موجود هجن، آسٽريليا جي وري ڪنڊيشنز به مشڪل هئي. مصباح جي جانشين بابت اڳوڻي آل رائونڊر جو چوڻ هو ته ان جو فيصلو ڪرڪيٽ بورڊ کي ڪرڻ گهرجي، پر سرفراز احمد لاءِ اهو هڪ سٺو موقعو آهي. عبدالرزاق وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سرفراز کي ڪپتاني ڏني وڃي ته هو سٺي نموني ذميواري نڀائي سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *